تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي بوشهر جوهري پلانٽ جي ويجهو مبينا حملي تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته ”تابڪاري مواد خارج ٿيو ته اِهو تهران تائين محدود نه رهندو پر خليجي تعاون ڪائونسل جي گاديءَ وارن شهرن ۾ به زندگي جو خاتمو آڻي سگهي ٿو.“
ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته ”يوڪرين ۾ زاپوروجيا جوهري پاور پلانٽ جي ويجهو چڪرين تي اولهه جي ڪاوڙ ياد ڪريو؟ اسرائيل ۽ آمريڪا اسان جي بوشهر جي جوهري ٿاڪ تي هن وقت تائين چار ڀيرا بمباري ڪري چڪا آهن.“
پنهنجي بيان ۾ هن خبردار ڪندي چيو ته ”تابڪاري مواد خارج ٿيو ته تهران سان گڏ نار ملڪن جي گاديءَ وارن شهرن کي به متاثر ڪندو، جڏهن ته اسان جي پيٽروڪيميڪل پلانٽ تي حملا به اصل مقصدن کي ظاهر ڪن ٿا.“
واضح رهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل اڃا تائين ان حملي ۾ پنهنجي ملوث هجڻ جي تصديق ناهي ڪئي.
ايراني ايٽمي پلانٽ تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملا، تباڪاري مواد خارج ٿيو ته تهران سميت نار ملڪن ۾ به زندگيءَ جو وجود ختم ٿي ويندو: عباس عراقچي
You might also like