ڪيستائين مهانگو تيل خريد ڪري سستو وڪڻندا رهنداسين؟ مسلسل سبسڊي سلسلو جاري نه رهندو: مصدق ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته ڪيستائين مهانگو تيل خريد ڪري سستو وڪڻي سگهجي ٿو؟ مسلسل سبسڊي جو سلسلو جاري رکڻ ممڪن ناهي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصدق ملڪ چيو ته حڪومت ڪيئي چيلينجز کي منهن ڏئي رهي آهي، جڏهن مهانگو تيل خريد ڪريون ٿا ۽ سستو وڪڻون ٿا ته پئسا ختم ٿي وڃن ٿا.
وفاقي وزير چيو ته حڪومت عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، گذريل ٽن چئن هفتن کان پوري خطي ۾ جنگ جا ڪڪر ڇانيل آهن، پر اسان گذريل حڪومتن جيان ملڪ کي ڏيوالو ٿيڻ نه ڏنو.
سندس چوڻ هو ته پيٽروليم شين جي اگهن کي مستحڪم رکڻ لاءِ 129 ارب رپين جي سبسڊي ڏني وئي پر اهو سلسلو سدائين لاءِ جاري نٿو رکي سگهجي.
سندس چوڻ هو ته وزيراعظم شهباز شريف جو عزم آهي ته رڳو حقدارن کي ٽارگيٽڊ سبسڊي فراهم ڪئي وڃي.
هن چيو ته جڏهن تيل گهرائڻ لاءِ ڊالر ئي نه بچندا ته تيل ڪٿان ايندو؟ حڪومت رڪ جي ڀت بڻجي پيٽروليم شين جي اگهن ۽ مهانگائي جي طوفان کي روڪيو آهي.
مصدق ملڪ جو چوڻ هو ته موٽر سائيڪل سوارن کي ماهوار 20 ليٽر پيٽرول تائين 100 رپيا في ليٽر سبسڊي ڏني ويندي، ان مقصد لاءِ ترقياتي بجيٽ مان ڪٽوتي ڪئي وئي آهي ۽ وزيرن جي 6 مهينن جي پگهار به رليف لاءِ استعمال ڪئي ويندي.
هن وڌيڪ چيو ته عالمي صورتحال کي نظر ۾ رکندي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، پر غريب عوام کي بچائڻ لاءِ شهرن ۾ بسن جو سفر مفت ڪيو ويو آهي ۽ هاريءَ لاءِ 1500 رپيا في ايڪڙ سبسڊي رکي وئي آهي.
جيڪي ماڻهو ڪروڙين رپين جون گاڏيون هلائي رهيا آهن، انهن تي ڪجهه واڌو بار وڌو ويو آهي ته جيئن غريب طبقي کي بچائي سگهجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.