پيٽروليم شين ۾ واڌ، سنڌ حڪومت سبسڊي جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت پيٽروليم شين جي مهانگي ٿيڻ کانپوءِ سبسڊي بابت تفصيل جاري ڪري ڇڏيا.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ 1.72 ارب رپين جي ٽارگيٽڊ سبسڊي پروگرام تي عملدرآمد لاءِ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن شرجيل انعام ميمڻ، مڪيش ڪمار چاولا، محمد بخش خان مهر، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف ۽ لاڳاپيل کاتن جي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته سبسڊي پروگرام جي شروعات لاءِ طريقو، نظام ۽ عملي حڪمت عملي طئي ڪئي وئي آهي.
ان موقعي تي وڏي وزير عوامي ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن کي پهچ ۾ رکڻ ۽ صوبي جي ٽرانزٽ نظام کي بنا رنڊڪ جاري رکڻ تي زور ڏنو.
هن چيو ته هي قدم پيٽرول ۽ ڊيزل جي واڌو اگهن جا اثر گهٽائڻ لاءِ کنيو ويو آهي. ويجهڙائي ٻارڻ جي اگهن ۾ وڏو واڌ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ ڀاڙن ۾ واڌ ۽ عوامي ٽرانسپورٽ جي استعمال ۾ گهٽتائي جو خدشو پيدا ٿيو هو.
مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت ”ٽارگيٽڊ پيپلز فيول ڊفرينشل سبسڊي“شروع ڪئي آهي، جنهن ذريعي بحران کان اڳ واري ۽ موجودا قيمتن جي وچ ۾ فرق کي پورو ڪيو ويندو.
اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته سبسڊي پيڪيج تحت ٽرانسپورٽ آپريٽرز کي ڀاڙا نه وڌائڻ جي شرط تي ماهوار مالي مدد ڏني ويندي، جنهن تحت بسن، مني بسن ۽ ڪوچن کي في گاڏي ماهوار 2 لک 40 هزار رپين تائين سبسڊي ڏني ويندي.
اهڙي ريت ويگنز ۽ پِڪ اپس کي 50 هزار کان هڪ لک رپيا ماهوار فراهم ڪيا ويندا، جڏهن ته مال بردار ننڍين ٽرڪن کي 70 هزار ۽ وڏين ٽرڪن کي 80 هزار رپيا ماهوار ڏنا ويندا.
ان کانسواءِ هڪ ضلعي کان ٻئي ضلعي وارن ٽرانسپورٽ لاءِ سبسڊي روٽ جي ڊيگهه موجب مختلف درجن ۾ ورهايل آهي.
ڊگهي فاصلي وارين بسن کي ماهوار 10 لک 80 هزار رپين تائين سبسڊي ڏني ويندي ته جيئن سڄي صوبي ۾ ڀاڙن جو استحڪام برقرار رهي سگهي.
ان سان گڏوگڏ عوامي رليف تحت حڪومت اپريل مهيني ۾ هر رجسٽرڊ موٽر سائيڪل مالڪ کي 2 هزار رپيا روڪ ڏيندي.
وڏي وزير چيو ته هن سبسڊي مان لکين شهري فائدو حاصل ڪندا جيڪي روزاني سفر لاءِ موٽر سائيڪل استعمال ڪن ٿا.
هن چيو ته شفافيت ۽ بدعنواني جي روڪٿام لاءِ سبسڊي جي ادائگي ڊجيٽل ايپ ذريعي ڪئي ويندي.
هي ايپ ايڪسائيز ۽ ٽرانسپورٽ کاتي جي ڊيٽا بيس سان جڙيل هوندي، گاڏي جي رجسٽريشن، فٽنيس ۽ مالڪي جي تصديق کانپوءِ رقم سڌو سنئون بئنڪ اڪائونٽس ۾ منتقل ڪئي ويندي.
وڏي وزير ٽرانسپورٽ کاتي کي هدايت ڪئي ته رجسٽريشن لاءِ ايندڙ 15 ڏينهن تائين آفيسن جو وقت وڌايو وڃي.
1.72 ارب رپيا ماهوار جو سبسڊي پروگرام لڳ ڀڳ 5 ڪروڙ 70 لک مسافرن کي سهولت ڏيندڙ ٽرانسپورٽ نظام کي سهارو ڏيندو.
مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته سبسڊي ذريعي ڀاڙا مستحڪم رهندا ۽ خانگي گاڏين جي استعمال ۾ گهٽتائي ايند، رليف شفاف ۽ وقت تي عوام تائين پهچائڻ کي يقيني بڻايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.