رياض (ويب ڊيسڪ) پرتگالي سپر اسٽار ڪرسٽيانو رونالڊو هڪ ڀيرو ٻيهر شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي پنهنجي سعودي ڪلب النصر کي النجمه خلاف 2-5 تان فتح ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
هن ميچ ۾ رونالڊو ٻه گول ڪيا ۽ پنهنجي ٽيم جي سرسي کي وڌيڪ مضبوط بڻايو.
ان باوجود به هن ميچ ۾ رونالڊو جي ڪارڪردگي کان وڌيڪ هڪ خاص لمحو سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻيو، جڏهن هن پنالٽي تي گول ڪرڻ کان اڳ ”بسم الله“ چيو.
هن 56هين منٽ ۾ پنالٽي ذريعي گول ڪري اسڪور 2-3 ڪيو، ان کانپوءِ 73هين منٽ ۾ هڪ ٻيو گول ڪري ٽيم جي سرسي 2-4 ڪري ڇڏي.
هن شاندار ڪارڪردگي کانپوءِ رونالڊو جي ڪيريئر گولن جو انگ 967 تائين پهچي ويو آهي ۽ هو هاڻي تيزي سان 1000 گولن جي تاريخي سنگ ميل ڏانهن وڌي رهيو آهي.
هي پهريون موقعو ناهي جڏهن رونالڊو مسلمانن جي زندگي جو اهم حصو سمجهو ويندو اسلامي لفظ جو استعمال ڪيو هجي.
ڊسمبر 2025 ۾ لڳاتار ٽيون ڀيرو وچ اوڀر جي سال جي بهترين فٽبالر جو اعزاز حاصل ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي تقرير دوران هن هڪ هزار گول مڪمل ڪرڻ لاءِ ”انشاءالله“ جو لفظ استعمال ڪيو هو.
سوشل ميڊيا تي افواهه گردش ڪندا رهيا آهن ته رونالڊو جيڪڏهن ڪجهه عرصو وڌيڪ سعودي عرب ۾ رهيو ته شايد اسلام قبول ڪري، پر ان حوالي سان پاڻ رونالڊو يا سندس ويجهن ذريعن کان اهڙي ڪنهن ڳالهه جو ڪو اشارو ناهي مليو.
You might also like