ايراني ميزائل حملن کانپوءِ اسرائيلي شهر رامات گان ۾ تباهي جا منظر

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) ايران جي اسرائيلي شهر رامات گان ۾ حملن کانپوءِ هر پاسي تباهي جا منظر آهن.
برطانوي ميڊيا موجب، ميگن ڊيوڊ ادوم ايمبولينس سروس جو چوڻ آهي ته ڇنڇر ڏينهن ايراني حملن کانپوءِ وچ اسرائيل جي ڇهن علائقن ۾ امدادي ڪارروايون جاري آهن.
تل ابيب جي اوڀر ۾ قائم شهر رامات گان ۾ ايراني ميزائل حملي کانپوءِ عمارتن کي نقصان پهتو آهي، جڏهن ته حملي ۾ ڪنهن به جاني نقصان جو اطلاع ناهي مليو.
ان کان اڳ اسرائيلي ڊفينس فورسز (آءِ ڊي ايف) چيو هو ته هنن ايران مان فائر ڪيل ميزائلن جي نشاندهي ڪئي آهي ۽ عوام کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.