ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ايل پي جي جي في ڪلو قيمت 500 رپين جي رڪارڊ سطح تي پهچي وئي.
واهپيدارن جو چوڻ آهي ته هڪ ڪلو ايل پي جي سرڪاري اگهه کان 200 رپيا وڌيڪ ۾ وڪرو ٿي رهي آهي.
شهرين موجب، ايل پي جي جو في ڪلو اگهه 500 رپين جي رڪارڊ سطح تي پهچي ويو آهي.
ٻئي پاسي ايل پي جي ڊسٽريبيوٽرز چيئرمين عبدالهادي خان چيو آهي ته سپلاءِ گهٽ آهي ۽ ڊسٽريبيوٽرز کي مال مهانگو ملي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اوگرا ۽ امپورٽرز ايل پي جي جي وڌيڪ قيمت تي وڪري کي روڪڻ ۾ ناڪام آهي.
You might also like