اٽلي لڳاتار ٽيون ڀيرو ورلڊ ڪپ کان ٻاهر، هيڊ ڪوچ جينارو گٽوزو استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

فيفا ورلڊ ڪپ 2026 لاءِ ڪواليفائي ڪرڻ ۾ ناڪامي کانپوءِ اٽلي جي هيڊ ڪوچ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
اٽالين فٽبال فيڊريشن تصديق ڪئي آهي ته قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ جينارو گٽوزو جو دور ختم ٿي ويو آهي.
هي فيصلو اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن اٽلي لڳاتار ٽيون ڀيري ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفائي ڪرڻ ۾ ناڪام رهي.
اٽلي کي بوسنيا خلاف پلي آف فائنل ۾ پنالٽي شوٽ آئوٽ تي شڪست جو منهن ڏسڻو پيو، جنهن کانپوءِ ڪوچنگ اسٽاف ۽ انتظاميا تي دٻاءُ وڌي ويو هو.
گٽوزو جي رخصتي هڪ وڏي انتظامي بحران کانپوءِ سامهون آئي، ڇو ته هڪ ڏينهن اڳ فيڊريشن جي صدر گيبريئل گراوينا ۽ ٽيم جي وفد جي سربراهه جيانلوئيگي بوفون به پنهنجن عهدن تان استعيفيٰ ڏئي چڪا هئا.
پنهنجي بيان ۾ گٽوزو چيو ته هو انتهائي مايوسيءَ وچان هي ذميواري ڇڏي رهيو آهي ڇو ته ٽيم مقرر هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي.
هن وڌيڪ چيو ته اطالوي ٽيم جي نمائندگي هڪ اعزاز هو ۽ رانديگرن هميشه ڀرپور محنت ۽ وفاداري جو مظاهرو ڪيو.
فيڊريشن موجب، ٻنهي ڌرين گڏيل رضامندي سان معاهدو ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
فيڊريشن گٽوزو جي خدمتن کي ساراهيندي سندس مهرباني پڻ ادا ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.