ڪراچي (ويب ڊيسڪ)سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ منڪي پاڪس ۽ چڪن پاڪس جهڙي پراسرار چمڙي جي بيماري پکڙجڻ جي خدشي سبب سمورن ضلعن جي اسپتالن کي الرٽ رهڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي.
سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ٻارن ۽ وڏن ۾ منڪي پاڪس ۽ چڪن پاڪس جهڙين علامتن واري هڪ پراسرار چمڙي جي بيماري تيزي سان پکڙجي رهي آهي.
ڊي جي هيلٿ سنڌ صورتحال جي سنگيني کي نظر ۾ رکندي آغا خان اسپتال کي خط لکي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته شڪي ڪيسن جا نمونا فوري طور ٽيسٽ لاءِ موڪليا وڃن ۽ نتيجن کان صحت کاتي کي آگاهه ڪيو وڃي.
سمورن ضلعن جي اسپتالن جي انتظاميا کي الرٽ رهڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي ۽ ڪمشنر سکر سيڪريٽري صحت کي خط لکي ڊويزن ۾ فوري هيلٿ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي.
سڀ کان وڌيڪ متاثر ضلعو خيرپور آهي، جتي گذريل 10 ڏينهن دوران هن بيماري سبب 7 ٻار فوت ٿي چڪا آهن، جنهن کانپوءِ علائقي ۾ هراس پکڙجي ويو آهي.
ڪمشنر سکر عابد سليم قريشي موجب، خيرپور ۾ هينئر تائين 7 ٻار حياتي وڃائي چڪا آهن ۽ 16 تصديق ٿيل ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جن جون علامتون منڪي پاڪس ۽ چڪن پاڪس سان ملندڙ جلندڙ آهن.
خيرپور جي هڪ خانگي اسپتال ۾ 4 ڪيس سامهون اچڻ تي ان کي ترت طور سيل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سکر جي هڪ خانگي اسپتال ۾ به ڪيس رپورٽ ٿيو آهي.
سول اسپتال سکر ۽ خيرپور اسپتال ۾ هنگامي بنيادن تي آئسوليشن وارڊ قائم ڪيا ويا آهن.
ڊي جي هيلٿ سنڌ ٻيهر هدايت ڪئي آهي ته شڪي ڪيسن جا نمونا فوري ٽيسٽ لاءِ موڪليا وڃن ۽ نتيجن بابت صحت کاتي کي آگاهه ڪيو وڃي.
ڪمشنر آفيس سکر ۾ سڀني لاڳاپيل کاتن جو هنگامي اجلاس طلب ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ بيماري جي علامتن جو جائزو ورتو ويندو.
ڊويزن ۾ عوامي آگاهي مهم پڻ هلائي ويندي ۽ اسپتالن ۾ ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.