اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته تيل اگهن ۾ واڌ وچ اوڀر ۾ ۾ جاري جنگ جي ڪري ٿي آهي، جنهن ۾ حڪومت جو ڪو به هٿ ناهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن اها جنگ وڌيڪ ٻه يا چار مهينا جاري رهي ته نه رڳو پاڪستان پر پوري دنيا کي هن کان به وڌيڪ خراب حالتن کي منهن ڏيڻو پوندو. راڻا ثناءُ الله وڌيڪ چيو ته حڪومت غريب عوام تي بار گهٽائڻ لاءِ ٽارگيٽڊ سبسڊي جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن عام ماڻهو انهن ڏکين حالتن جو مقابلو ڪري سگهي. هن سياسي مخالفن تي تنقيد ڪندي چيو ته ڪجهه ماڻهو پنهنجي سياسي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ لاءِ عوام کي گمراهه ڪري رهيا آهن، جڏهن ته احتجاج پاڪستان حڪومت خلاف نه پر اسرائيل خلاف ٿيڻ گهرجي جنهن جنگ شروع ڪئي آهي. هن جو چوڻ هو ته آسٽريليا ۽ ڀارت جهڙن ملڪن ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي دستيابي ۾ مشڪلاتون آهن، پر پاڪستان ۾ وزيراعظم جي ڏينهن رات محنت سبب ڪٿي به تيل جي کوٽ ناهي ٿي. هن عوام کي اپيل ڪئي ته تفريق ۽ افراتفري پيدا ڪرڻ بدران ملڪ کي مضبوط ڪن ۽ هڪ پرعزم قوم بڻجي هن بحران مان نڪرڻ ۾ حڪومت جو ساٿ ڏين.