اسلام آباد (بيورو) ملڪ ۾ تيل جي اگهن ۾ تاريخي واڌ کانپوءِ هاڻي بجلي به مهانگي ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته توانائي جو عالمي بحران نه صرف تيل پر گيس ۽ فرنس آئل جي قيمتن تي به اثر انداز ٿي رهيو آهي، جنهن ڪري بجلي جي قيمتن ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته ملڪ تي معاشي دٻاءُ گهٽائڻ لاءِ حڪومت مارڪيٽن ۽ بازارن کي جلد بند ڪرڻ ۽ توانائي جي بچت لاءِ ٻين قدمن تي صوبن سان مشاورت ڪري رهي آهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ اسان عوام کي مهانگائي جي بار کان بچائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي ۽ ڪندا رهنداسين، پر جيڪڏهن عوام توانائي جي بچت ۾ ساٿ ڏيندو ته صورتحال ۾ جلد بهتري ايندي. واضح رهي ته وفاقي حڪومت گذريل ڏينهن پيٽرول جي قيمت ۾ 137.23 روپيا ۽ ڊيزل ۾ 184.49 روپيا ليٽر واڌ ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ پيٽرول 458.40 روپيا ۽ ڊيزل 520.35 روپيا في ليٽر تائين پهچي ويو آهي. حڪومت جو موقف آهي ته اها واڌ مشرق وسطيٰ جي جنگ سبب ٿي آهي، جڏهن ته اپوزيشن ۽ عوام پاران ان فيصلي تي سخت تنقيد ۽ احتجاج جو سلسلو جاري آهي.