واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اٽارني جنرل پام بونڊي کي برطرف ڪري ڇڏيو
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڊونلڊ ٽرمپ اٽارني جنرل پام بونڊي کي عهدي تان هٽائي، سندس جاءِ تي نائب اٽارني جنرل ٽوڊ بلينچ کي قائم مقام اٽارني جنرل مقرر ڪري ڇڏيو.
ٻئي پاسي آمريڪي بچاءَ واري وزير پيٽ هيگسٿ چيف آف اسٽاف جنرل رينڊي جارج کي به عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي.
آمريڪي ميڊيا موجب، پينٽاگون اهڙو آرمي چيف آف اسٽاف ڏسڻ چاهي ٿو جيڪو صدر ٽرمپ ۽ سندس ويزن تي عمل ڪري سگهي.
جنرل رينڊي جارج اڳوڻي آمريڪي صدر جو بائيڊن جي صدارتي دور ۾ بچاءَ واري وزير لائيڊ آسٽن جو سينيئر ملٽري اسسٽنٽ پڻ رهيو آهي ۽ پهرين نار جنگ، عراق ۽ افغانستان جي جنگن ۾ به حصو وٺي چڪو آهي.
You might also like