الله جو شڪر آهي پاڪستان اهڙي قيادت وٽ آهي جيڪا عوام جي تڪليفن کي سمجهي ٿي: مريم اورنگزيب

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي سڌ سماءُ واري وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته جيئن جيئن عالمي صورتحال بهتر ٿيندي، ساڳئي عزم ۽ حڪمت عملي سان عوام کي رليف به ڏنو ويندو.
سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم اورنگزيب وزيراعظم شهباز شريف کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته عالمي منڊي ۾ تيل جي اگهن ۾ واڌ باوجود هڪ مهيني تائين عوام تي بار نه وجهڻ ذميوار قيادت جو ثبوت آهي.
هن چيو ته جڏهن اگهن ۾ واڌ اڻٽر هئي تڏهن به مڪمل بار عوام تي وجهڻ بدران ٽارگيٽڊ سبسڊي ذريعي ان کي متوازن ڪيو ويو، هي قيادت ڏکين حالتن ۾ عوام کي اڪيلو نٿي ڇڏي.
مريم اورنگزيب چيو ته ” الله جو شڪر آهي ته پاڪستان اهڙي قيادت وٽ آهي جيڪا عوام جي تڪليفن کي سمجهي ٿي، سڀني صوبن ۽ سياسي پارٽين کي گڏ ڪرڻ تي وزيراعظم کي وڌايون ڏيان ٿي، اسان گڏجي هن صورتحال کي منهن ڏينداسين، حالتون بهتر ٿيڻ سان وڌيڪ رليف ڏنو ويندو.

You might also like