ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي جيڪڏهن سڄو بار عوام تي وڌو وڃي ته پيٽرول 600 رپيا في ليٽر ٿي ويندو.
ڪينٽ اسٽيشن تي سکر ايڪسپريس جي ريفربشڊ ڪوچز جي افتتاح جي موقعي صوبائي وزير چيو ته سکر ايڪسپريس کي اپگريڊ ڪيو ويو آهي، ريلوي ۾ جديد ترقي نظر اچي رهي آهي.
هن ملڪي حالتن تي ڳالهائيندي چيو ته وفاقي حڪومت ڪجهه عرصي کان پيٽروليم شين جي اگهن جو بار پاڻ کڻي رهي هئي، عوام تي بار نه وڌو ويو، جيڪڏهن سڄو بار عوام تي وڌو وڃي ته پيٽرول 600 رپيا في ليٽر ٿي ويندو.
ناصر حسين شاهه چيو ته حڪومت 60 سيڪڙو گاڏيون بند ڪيون، پيٽرول کي اڌ ڪيو، پگهارن ۾ به ڪٽوتي ڪئي وئي، جيڪڏهن جنگ جاري رهي ته حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون، ان جا اثر ڊگهي عرصي تائين ڀوڳڻا پوندا، حڪومت جي ڇڪتاڻ گهٽائڻ واري ڪوششن سبب اڄ ايران ۾ به پاڪستان زنده باد جا نعرا لڳي رهيا آهن.
You might also like