پيٽروليم شين جا اگهه اسان جي حڪومت ناهن وڌايا: گورنر سنڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گورنر سنڌ نهال هاشمي چيو آهي ته پيٽروليم اگهه اسان جي حڪومت نه واڌايا آهن.
ڪينٽ اسٽيشن تي سکر ايڪسپريس جي ريفربشڊ ڪوچز جي افتتاح جي موقعي تي گورنر سنڌ چيو ته حڪومت جيڪي واعدا ڪيا آهن اهي پورا ٿي رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته هن ٽرين ۾ 1100 ماڻهن جي گنجائش آهي، اسان پنهنجي وسيلن اندر رهي ڪم ڪنداسين.
نهال هاشمي چيو ته پيٽروليم شين جا اگهه اسان ناهن وڌايا پر عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جون قيمتون وڌيون آهن، اسان پنهنجي ترقياتي خرچن ۾ ڪٽوتي ڪئي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته اسان جي قيادت علائقي ۾ امن آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، وزيراعظم، نائب وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل امن لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.