حڪومت پيٽروليم اگهن ۾ واڌ واپس وٺي، عوام تي ظلم برداشت نه ڪنداسين: اياز لطيف پليجو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي عوامي تحريڪ به پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ خلاف احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو آهي.
قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف احتجاج جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اڄ کان 7 اپريل تائين سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيا ويندا.
هڪ بيان ۾ هن پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ ۽ وڌندڙ مهانگائي جي سخت مذمت ڪندي چيو ته منظم عوامي احتجاج ذريعي هن ظلم خلاف مزاحمت ڪئي ويندي.
هن وڌيڪ چيو ته حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ واپس وٺي ۽ عوام کي رليف فراهم ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.