ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ۽ پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ الائنس جي صدر ملڪ شهزاد اعواڻ وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، جنهن ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ ٽرانسپورٽرز کي پيش ايندڙ مسئلن تي بريفنگ ڏني وئي.
شرجيل ميمن ٽرانسپورٽرز کي هر ممڪن سهڪار ڏيڻ جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته سنڌ حڪومت ٽرانسپورٽ شعبي جي مسئلن کان واقف آهي.
هن چيو ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ قومي سطح جو مسئلو آهي ۽ ان جا اثر هر شعبي تي پون ٿا.
ان موقعي تي پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ الائنس جي صدر ملڪ شهزاد اعواڻ چيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ کانپوءِ ٽرانسپورٽ هلائڻ ڏکيو ٿي ويو آهي ۽ سنڌ ۽ وفاقي حڪومت کان ٽول ٽيڪس ۽ ٻين صوبائي ٽيڪسن ۾ رعايت جي درخواست ڪئي وئي آهي.
شرجيل ميمڻ چيو ته ٽرانسپورٽرز جي مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي ويندي ۽ اڄ شام 3 وڳي ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي مشاورتي اجلاس کانپوءِ حڪمت عمليءَ جو اعلان ڪيو ويندو.
هن زور ڏنو ته ٽول ٽيڪس ۽ ٻين صوبائي ٽيڪسن ۾ رعايت بابت اختيارين سان صلاح مشورو ڪيو ويندو ته جيئن شعبي کي رليف ملي سگهي.
پيٽروليم اگهن ۾ واڌ کانپوءِ ٽرانسپورٽرز جا خدشا، سنڌ حڪومت سهڪار جي خاطري ڪرائي ڇڏي
You might also like