ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه موٽر سائيڪل سوارن کي سٺي خبر ٻڌائي ڇڏي آهي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل ايران جنگ جي خاتمي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيا آهن، خطي جي صورتحال تمام گهڻي ڇڪتاڻ واري آهي.
هن چيو ته دنيا ۾ تيل جي اگهن ۾ واڌ ٿي رهي آهي، موجوده حالتن کي ڏسندي اسان ڪيترائي قدم کنيا آهن، وفاقي حڪومت گذريل 3 هفتن ۾ تيل جي اگهن ۾ واڌ ناهي ڪئي.
مراد علي شاهه چيو ته وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڪجهه اهم فيصلا ٿيا، آمريڪا-ايران جنگ سبب پاڪستان سخت متاثر ٿي رهيو آهي.
هن چيو ته ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏيڻ ضروري آهي، چئني صوبن پنهنجي پنهنجي حساب سان تياري ڪئي آهي، اسان فيصلو ڪيو آهي ته موٽر سائيڪل سوارن کي سبسڊي ڏني وڃي، سنڌ ۾ 66 لک موٽر سائيڪلون رجسٽرڊ آهن.
مراد علي شاهه چيو ته هر موٽر سائيڪل رکندڙ کي اپريل ۾ 2 هزار رپيا ڏنا ويندا، 20 ليٽر جي حساب سان هر ليٽر تي 100 رپيا ملندا، ايپ ۾ جنهن جي نالي تي موٽر سائيڪل هوندي ان جي اڪائونٽ ۾ پئسا منتقل ڪيا ويندا.
هن چيو ته عوام جلد کان جلد موٽر سائيڪل پنهنجي نالي تي منتقل ڪرائين، ايپ ۾ پنهنجو قومي سڃاڻپ ڪارڊ نمبر شامل ڪرڻ سان موٽر سائيڪل جو نمبر اچي ويندو.
وڏي وزير چيو ته جيڪڏهن موٽر سائيڪل توهان جي نالي تي ناهي ته 15 ڏينهن اندر پنهنجي نالي تي ڪرائي وٺو، موٽر سائيڪل جي ٽرانسفر فيس معاف ڪري رهيا آهيون، لوئر ڪلاس جي ريلوي ڀاڙن ۾ واڌ نه ٿيندي.
مراد علي شاهه چيو ته پهرئين مرحلي ۾ رڳو اپريل مهيني لاءِ اها سبسڊي ڏني ويندي، ننڍن آبادگارن کي به 1500 رپيا في ايڪڙ ڏنا ويندا، صوبائي زرعي کاتي وٽ 3 لک 36 هزار ننڍا آبادگار رجسٽرڊ آهن، کين هڪ مهيني لاءِ سبسڊي ڏني ويندي.
هن چيو ته 25 ايڪڙ کان گهٽ زمين رکندڙن کي 1500 رپيا في ايڪڙ ادا ڪيا ويندا، ٽارگيٽڊ سبسڊي جو بار صوبن کي پاڻ کڻڻو پوندو.
مراد علي شاهه چيو ته پبلڪ ٽرانسپورٽ کي 1 لک رپيا، 2 ايڪسل ٽرڪ کي 70 هزار، ۽ وڏن ٽرڪن کي 80 هزار رپيا ماهوار ڏنا ويندا، سڀني رجسٽرڊ مسافر بسن ۽ ٽرڪ مالڪن کي به سبسڊي ڏني ويندي، اها سبسڊي وفاقي حڪومت طرفان ڏني ويندي.
هن وڌيڪ چيو ته رڳو رجسٽرڊ گاڏين، ٽرڪن ۽ موٽر سائيڪلن کي سبسڊي ملندي، سنڌ ۾ 27 هزار 297 بسون رجسٽرڊ آهن.
You might also like