اسلام آباد (بيورو) پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ مهانگائيءَ جي هڪ نئين لهر اچي وئي آهي، جنهن زندگيءَ جي هر شعبي کي متاثر ڪيو آهي. سرڪاري دستاويزن موجب، گذريل هڪ مهيني دوران ملڪ ۾ هر قسم جي ٽرانسپورٽ 12.14 سيڪڙو تائين مهانگي ٿي وئي آهي، جڏهن ته گاڏين جي مرمت وارين سروسز ۾ سالياني 8.92 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. دستاويز ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پيٽرول جي قيمتن سبب پوسٽل سروسز ۾ سالياني 14.98 سيڪڙو ۽ تعليمي اخراجات ۾ 8.85 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. ان کان سوا3 رهائش ۽ طعام جون سهولتون 2.92 سيڪڙو مهانگيون ٿي ويون آهن. واپرائڻ جي شين جي ڳالهه ڪجي ته واشنگ سوپ، پلاسٽڪ جو سامان، اسٽيشنري ۽ فرنيچر جي قيمتن ۾ به واڌ ڏٺي وئي آهي. مارچ جي مهيني ۾ شادي هالز جي مالڪن ۽ گهرو ملازمن پڻ پنهنجا اگهه وڌائي ڇڏيا آهن. صحت جي شعبي ۾ به عوام کي رليف نه ملي سگهيو، جتي دوائن جي قيمتن ۾ سالياني 6.49 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. ڊاڪٽرن پنهنجي ڪلينڪ جي فيسن ۾ 0.93 سيڪڙو واڌ ڪئي آهي، جڏهن ته ڏندن جو علاج، ميڊيڪل ٽيسٽون ۽ اسپتالن جا خرچ به عام ماڻهو جي پهچ کان پري ٿيندا پيا وڃن.