ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ حڪومت جي ترجمان سک ديو هيمناني مسيحي برادري جي مذهبي حقن ۽ آزاديَن جي تحفظ لاءِ صوبي جي حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي۔ هن چيو ته گڊ فرائيڊي ۽ ايسٽر جي موقعي تي 3 کان 5 اپريل 2026 تائين سنڌ ڀر جي گرجا گهرن ۽ مسيحي برادري جي لاڳاپيل ھنڌن تي خاص سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويا آهن۔ پوليس کي هدايت ڪئي وئي آهي ته جامع سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کان بچي سگهجي ۽ مذهبي تقريبن جي پرامن ادائيگي ممڪن بڻائي سگهجي۔ هيمناني چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جي قيادت ۾ اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته سنڌ بين المذاهب هم آهنگي کي فروغ ڏيندو رهندو ۽ يقيني بڻائيندو ته سڀئي برادريون پنهنجون مذهبي روايتون آزادي ۽ تحفظ سان ادا ڪري سگهن.