ڪراچي (رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ سنڌ جي حڪمران جماعت پيپلز پارٽي وچ ۾ ڪراچي جي برساتي صورتحال تي سخت لفظي جنگ شروع ٿي وئي آهي. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڪراچي ٻڏي ويو آهي ۽ نام نهاد ترقياتي ڪمن جو پول کلي ويو آهي. هن چيو ته وچولي درجي جي برسات بي اختيار بلدياتي نظام کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته شهر جا اهم رستا تلاءَ جو ڏيک ڏئي رهيا آهن. ترجمان موجب، نالن ۽ رستن جي صفائي جا دعويٰ صرف ڪاغذن تائين محدود هئا ۽ وسيلن تي بي دردي سان هٿ صاف ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف، پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سعديا جاويد ايم ڪيو ايم جي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي صرف فوٽو سيشن ۽ پوائنٽ اسڪورنگ جا ماهر آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت جا وزير ۽ انتظاميا برسات دوران پاڻ روڊن تي موجود هئا، جڏهن ته تنقيد ڪندڙ ڪٿي به نظر نه آيا. سعديا جاويد وڌيڪ چيو ته شهر جون اهم شاهراهه ۽ انڊرپاسز ڪليئر ڪيا ويا آهن ۽ ٽريفڪ جي رواني جاري آهي. هن چيلينج ڪيو ته جيڪڏهن ڪنهن وٽ تعميراتي ڪمن ۾ ڪرپشن جا ثبوت آهن ته اهي سامهون آڻي، ٻي صورت ۾ شهرين کي گمراهه ڪرڻ بند ڪيو وڃي.