هيوي ٽريفڪ موت جو راڪاس بڻيل، 3 مهينن دوران 75 ڄڻا موت جو کاڄ

ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) ڪراچي جي رستن تي هلندڙ هيوي ٽريفيڪ شهرين لاءِ موت جو راڪاس بڻجي وئي آهي. هڪ رپورٽ موجب، هلندڙ سال جي پهرين ٽن مهينن دوران 75 شهري انهن گاڏين هيٺان چيڀاٽجي فوت ٿي چڪا آهن. هڪ رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته انهن موتمار حادثن جو وڏو سبب هيوي گاڏين ۾ انتهائي غير معياري بريڪ شوز جو استعمال آهي. رپورٽ موجب، هڪ معياري بريڪ شو سيٽ جي قيمت 35 کان 50 هزار  رپيا آهي، جڏهن ته منافعي خور مالڪ پنهنجين گاڏين ۾ صرف 4 کان 6 هزار رپين وارا گهٽ معيار جا بريڪ شوز لڳرائين ٿا، جيڪي وقت تي گاڏي کي بيهارڻ ۾ ناڪام وڃن ٿا. ماهرن جو چوڻ آهي ته شهر ۾ ڊرائيورن جي فٽنيس ۽ گاڏين جي حالت کي چيڪ ڪرڻ لاءِ ڪو به فعال نظام موجود ناهي، جنهن ڪري هي گاڏيون بنا ڪنهن خوف جي رستن تي دوڙي رهيون آهن. ٻئي طرف، ٽريفيڪ پوليس انتظاميا حيرت انگيز طور تي انهن سمورن حادثن جي ذميواري موٽرسائيڪل سوارن تي وڌي وئي آهي، جنهن تي شهرين سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. عوامي حلقن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن انتظاميا ۽ قانون جي گرفت مضبوط نه ٿي ته ڪراچي جا رستا ائين ئي شهرين جي رت سان رڱبا رهندا.

بچت مهم تحت يونيورسٽين جا ڏينهن گهٽائي 4 ڪيا ويا

اسلام آباد (بيورو) ملڪ ۾ جاري بچت مهم جي تحت هائر ايجوڪيشن ڪميشن سڄي ملڪ جي يونيورسٽين کي هفتي ۾ صرف 4 ڏينهن کليل رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، هاڻي ملڪ جي سمورن تعليمي ادارن ۽ جامعات ۾ جمعي، ڇنڇر ۽ آچر تي موڪل هوندي. ان کان کانسواءِ سرڪاري اسڪولن ۾ به جمعي واري ڏينهن شاگردن جا فزيڪل ڪلاس نه  ورتا ويندا. نوٽيفڪيشن ۾ وضاحت ڪئي وئي آهي ته يونيورسٽيون ۽ سرڪاري تعليمي ادارا چاهين ته جمعي واري ڏينهن آن لائن ڪلاسز جو بندوبست ڪري سگهن ٿا. وزارت تعليم پاران اهي هدايتون ايڇ اي سي ۽ فيڊرل بورڊ جي ماتحت ڪم ڪندڙ سمورن ادارن لاءِ لاڳو ڪيون ويون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.