ڪراچي واسين لاءِ گيس بحران جي نئين پريشاني!

ڪراچي/اسلام آباد  (عوامي آواز رپورٽ) توانائي وزارت پاران ڪي اليڪٽرڪ کي مقامي ذريعن مان گئس فراهم ڪرڻ جي فيصلي  کانپوءِ سوئي سدرن گئس ڪمپني جي نظام ۾ گئس جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. ذريعن موجب هن فيصلي جي نتيجي ۾ سسٽم مان تقريبن 100 ايم ايم سي ايف ڊي گئس گهٽجي وئي آهي. توانائي وزارت جي ذريعن ٻڌايو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ کي بجلي جي پيداوار لاءِ مقامي گئس فراهم ڪئي پئي وڃي، جنهن جو سڌو سنئون اثر سوئي سدرن جي عام صارفين تي پوندو. هن کوٽ سبب اڄ کان شهر ۾ گئس جي فراهمي جو نئون ۽ سخت شيڊول نافذ ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن سان گهريلو صارفين سان گڏ صنعتي علائقن ۾ به گئس جو بحران وڌي سگهي ٿو. اختيارين پاران صورتحال کي سنڀالڻ لاءِ متبادل قدمن تي ويچار ڪيو پيو وڃي، پر في الحال شهرين کي گئس جي لوڊشيڊنگ لاءِ تيار رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.