نيويارڪ(عوامي آواز نيوز)ايران جي جنگ کي هڪ مهينو گذرڻ بعد عرب ملڪن تي وڏي معاشي ضرب پئي آهي، جتي لڳ ڀڳ 186 ارب ڊالر جو نقصان سامهون آيو آهي۔گڏيل قومن جي اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل عبدالله درداري موجب جنگ بندي ۾ هر ڏينهن جي دير عالمي معيشت تي ناڪاري اثر وجهي رهي آهي۔عرب علائقي جي مجموعيقومي پيداوار (GDP) ۾ لڳ ڀڳ 6 سيڪڙو گهٽتائي جو امڪان هڪ مهيني دوران 186 ارب ڊالر جو مجموعي نقصان اوڀر بحيره روم ۾ اضافي طور تقريباً 30 ارب ڊالر تائين نقصان جو خدشو روزگار ۽ غربت تي اثرلڳ ڀڳ 37 لک نوڪريون ختم ٿيڻ جو امڪان 40 لک وڌيڪ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ وڃڻ يا وڃڻ جي خطري ۾ هي انگ اکر ظاهر ڪن ٿا ته جنگ صرف وچ اوڀر تائين محدود نه رهي آهي، پر ان جا اثر عالمي معيشت تائين پکڙجي رهيا آهن۔