لاهور (عوامي آواز نيوز)عوام تي مهانگائي جا وار جاري آهن، مختلف دوائن جي قيمتن ۾ حيران ڪندڙ حد تائين 241 سيڪڙو تائين واڌ ڪئي وئي آهي.تفصيل موجب مارڪيٽ ۾ مختلف دوائن جي قيمتن ۾ وڏي واڌ جو انڪشاف ٿيو آهي. انسولين (هيوما پين) جي قيمت 2220 رپين مان وڌي 4720 رپيا ٿي وئي آهي، ٿائيرونورم 85 رپين مان وڌي 290 رپيا ٿي وئي آهي، سني ڊي ڪيپسول جي قيمت 450 رپين مان وڌي 550 رپيا ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سربيڪس زي سميت ٻين عام استعمال جي دوائن جي قيمتن ۾ به 100 سيڪڙو تائين واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.ٻڌايو ويو آهي ته دوائن تي 18 سيڪڙو جي ايس ٽي لاڳو ٿيڻ ۽ ڊي ريگيوليشن پاليسي سبب مريض سخت مالي دٻاءَ هيٺ اچي ويا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ شوگر، بلڊ پريشر ۽ ٿائيراڊ جهڙين بيمارين جو علاج هاڻي عام ماڻهو جي پهچ کان ٻاهر ٿيندو پيو وڃي۔