اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سعودي سفير نواف بن سعيد المالڪي وچ اوڀر جي ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ پاڪستان جي سفارتي ڪردار جي تعريف ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته هو پاڪستان جي ذميوار موقف ۽ دانشمندانه سفارتڪاري جي تعريف ڪري ٿو. پاڪستان ۾ سعودي سفير نواف بن سعيد المالڪي هڪ بيان ۾ چيو ته سعودي عرب سميت نارجي ملڪن تي حملا سخت ڳڻتي جو سبب آهن، ۽ جارحاڻيون ڪارروايون خودمختيار رياستن خلاف ناجائز جارحيت آهن.سعودي سفير چيو ته حملي بين الاقوامي قانون ۽ گڏيل قومن جي اصولن جي واضح ڀڃڪڙي آهن. حملن ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيون آهن، رهائشي علائقن، شهري ٿاڪن ۽ هوائي اڏن کي نشانو بڻايو ويو آهي. خطي ۾ استحڪام سڀني جي گڏيل ذميواري آهي.سعودي سفير نواف بن سعيد المالڪي چيو ته دانشمندي ۽ عالمي يڪجهتي بحران تي قابو پائڻ جو واحد ذريعو آهي. اسان سڀني جي مستقبل جي حفاظت لاءِ بين الاقوامي قانونن جو احترام ضروري آهي.سعودي سفير چيو ته هو پاڪستان جي ذميوار موقف ۽ دانشمندانه سفارتڪاري جي تعريف ڪري ٿو. انساني اصولن تي عمل ڪرڻ امن ۽ سلامتي کي محفوظ رکڻ جو بهترين طريقو آهي.