اسلام آباد(ثناءُ الله خان)ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگ کي هڪ مهيني کان وڌيڪ ٿي ويو آهي. هن هڪ مهيني دوران پاڪستان جي معيشت کي هزارين ارب رپين جو نقصان ٿي چڪو آهي. ان سان گڏوگڏ تيل ۽ پيٽروليم شين تي جيڪا سبسڊي ڏني پئي وڃي، اها روزانو ست ارب رپين تائين پهچي چڪي آهي، جيڪا ملڪ جي مجموعي خرچن کان به وڌيڪ آهي.ناڻي واري وزارت پنهنجي ماهوار آؤٽ لُڪ ۽ اپڊيٽ رپورٽ جاري ڪئي آهي. مارچ ۾ سڄي مهيني دوران نار۾ جنگ جاري رهي. ان جنگ سبب پاڪستان جي معيشت کي هزارين ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي، ۽ پيٽروليم تي سبسڊي ان کان علاوه آهي. قرضن تي دٻاءُ به الڳ آهي.فيبروري ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ جي مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن 68 ارب ڊالر هئي، جڏهن ته مارچ ۾ اها گهٽجي 58 ارب ڊالر ٿي وئي. يعني لڳ ڀڳ 10 ارب ڊالر (تقريباً ٽي هزار ارب رپيا) جو نقصان ٿيو. ان سان گڏوگڏ سيڙپڪاري به گهٽجي وئي.سال 2025 جي پهرين 9 مهينن ۾ پرڏيهي سڌي سيڙپڪاري لڳ ڀڳ 1.83 ارب ڊالر هئي، جڏهن ته هاڻي اها گهٽجي صرف 70 ڪروڙ ڊالر رهجي وئي آهي. يعني تقريباً 128 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي. هي سڄو اثر جنگ جي صورتحال جو نتيجو آهي.فيبروري تائين برآمد تقريباً 5.5 سيڪڙو گهٽجي وئي. يعني وڌڻ بدران روانگي واپار ۾ گهٽتائي شروع ٿي وئي آهي، جنهن جو سڌو اثر معيشت تي پيو آهي.مارچ ۾ ٽيڪس آمدني تي تمام وڏو اثر پيو آهي، ۽ مجموعي نقصان 200 ارب رپين کان وڌيڪ آهي،جڏهن ته درآمد تي ٽيڪس نقصان لڳ ڀڳ 100 ارب رپيا ٿيو آهي، جڏهن ته ملڪي سطح تي 35 ارب رپيا صرف ڀاڻ جي ڪارخانن جي بند ٿيڻ سبب نقصان ٿيو. مجموعي طور داخلي ۽ خارجي ٻنهي کي گڏ ڪري تقريباً 200 ارب رپين جو نقصان ٿيو.مجموعي طور مارچ ۾ روينيو جو نقصان تقريباً 300 ارب رپين تائين پهچي ويو آهي.مارچ ۾ پيٽروليم سبسڊي 129 ارب رپيا ڏني وئي. حڪومت روزانو لڳ ڀڳ 7 ارب رپيا سبسڊي ڏئي رهي آهي. جيڪڏهن سبسڊي جاري رهي ته بجيٽ تي وڏو بار پوندو.هن وقت پيٽرول جي قيمتن ۾ فرق تقريباً 300 رپيا في ليٽر تائين آهي. ڊيزل ۽ پيٽرول ٻنهي تي وڏي سبسڊي آهي. جيڪڏهن حڪومت قيمتون نه وڌايون ته ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ سو ارب رپيا سبسڊي ڏيڻي پوندي،ناڻي وزارت جي اقتصادي صلاحڪارن حڪومت کي خبردار ڪيو آهي ته وڌيڪ سبسڊي ڏيڻ سان بجيٽ خسارو وڌي سگهي ٿو ۽ معيشت تي منفي اثر پوندو. تنهنڪري امڪان آهي ته جمعي تي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي وڃي.جنگ ڊگهي ٿيڻ سان بجلي جي قيمتن، گئس جي قيمتن ۽ سپلاءِ تي به اثر پوندو ٻئي پاسي ناڻي واري وزارت جي ڊيڊ پالييسي بيان مطابق پهرين جولاءِ 2025 کان 31 ڊسمبر 2025 تائين پاڪستان جو مجموعي قرض لڳ ڀڳ 290 ارب ڊالر تائين پهچي چڪو آهي.مقامي ڪرنسي ۾ اهو قرض 81 هزار ارب رپين کان وڌيڪ آهي.پرڏيهي قرض ۾ ڇهن مهينن دوران 4.5 ارب ڊالر جو اضافو ٿيو آهي.گذريل ڇهن مهينن ۾ لڳ ڀڳ 3,537 ارب رپيا صرف وياج جي مد ۾ ادا ڪيا ويا.جنگ سبب پاڪستان جي معيشت کي مجموعي طور 3,300 ارب رپين کان وڌيڪ نقصان ٿي چڪو آهي. صرف اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 10 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو آهي، ۽ سبسڊي جو دٻاءُ به جاري آهي.
-
جنگ جا اثر: پاڪستان ۾ مهانگائي 19 مهينن جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي
اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)علائقي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ واري صورتحال جا اثر پاڪستان تي به ظاهر ٿيڻ لڳا آهن، جتي ملڪ ۾ مارچ مهيني دوران مهانگائي 19 مهينن جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي۔وفاقي شماريات کاتي مهانگائي بابت ماهوار رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي،رپورٽ موجب فيبروري جي مقابلي ۾ مارچ دوران مهانگائي جي شرح ۾ 1.18 سيڪڙو واڌ ٿي آهي،مارچ 2026 ۾ سالياني مهانگائي جي شرح 7.30 سيڪڙو ٿي وئي، جيڪا آگسٽ 2024 کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ سطح آهي،اداري موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين 9 مهينن (جولاءِ 2025 کان مارچ 2026 تائين) دوران سراسري مهانگائي 5.67 سيڪڙو رهي آهي،ان کان اڳ فيبروري 2026 ۾ سالياني مهانگائي جي شرح 6.98 سيڪڙو ۽ مارچ 2025 ۾ 0.7 سيڪڙو هئي،گذريل مهيني ڳوٺاڻن علائقن ۾ مهانگائي ماهوار بنياد تي 0.96 سيڪڙو وڌي، جڏهن ته شهرن ۾ 1.34 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي۔ سالياني بنياد تي ڳوٺاڻن علائقن ۾ مهانگائي 7.17 سيڪڙو ۽ شهرن ۾ 7.39 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي۔واضح رهي ته مارچ لاءِ وفاقي ناڻي واري وزارت مهانگائي جو اندازو 7.5 کان 8.5 سيڪڙو جي وچ ۾ لڳايو هو۔
-
پيٽروليم ليوي جو معاملو آءِ ايم ايف آڏو اٿاريو وڃي
اسلام آباد(بيورو)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ڏکي صورتحال کي وڏي ڪاميابي ۽ مؤثر طريقي سان حل ڪري رهيو آهي، ۽ ضروري شيون وافر مقدار ۾ مهيا ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي تي اڳڀرائي جاري آهي۔ حڪومت معاشي استحڪام ۽ عوامي ڀلائي لاءِ ضروري قدم جاري رکندي۔مالياتي ۽ معاشي اثرن کان بچاءَ لاءِ لائحه عمل تي جائزي واري اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ڪيترن ئي ملڪن کي موجوده صورتحال ۾ ضروري شين جي طلب ۽ رسد جو توازن برقرار رکڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن۔ هن هدايت ڪئي ته ملڪي پيداوار تي اثر گهٽائڻ لاءِ مؤثر قدم تجويز ڪيا وڃن۔شهباز شريف وڌيڪ چيو ته عالمي منڊي ۾ قيمتن ۾ واڌ جي رجحان جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ جامع حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي، جيڪا معيشت جي سڀني شعبن جي استحڪام ۽ ترقي کي نظر ۾ رکي. هن زور ڏنو ته حڪمت عملي ٺاهڻ وقت اندروني ۽ بيروني معاشي اثرن جو به جائزو ورتو وڃي۔اجلاس ۾ ڏنل بريفنگ موجب وزارتون ۽ ادارا روزانو موجوده صورتحال جي روشني ۾ معاشي اثرن جو جائزو وٺي رهيا آهن۔ اجلاس ۾ ڪيترائي وفاقي وزير ۽ اعليٰ عملدار شريڪ هئا، جن صورتحال کي سنڀالڻ بابت پنهنجا خيال پيش ڪيا۔مجموعي طور حڪومت جو مقصد عالمي معاشي دٻاءَ باوجود ملڪي استحڪام برقرار رکڻ ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ آهي۔ٻئي پاسي وزيراعظم ناڻي واري وزارتِ کي هدايت ڪئي آهي ته پيٽروليم ليوي جي معاملي تي آءِ ايم ايف سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وڃي، جيئن عالمي سطح تي تيل جي وڌندڙ قيمتن جو بار عوام تي نه پوي۔حڪومتي ذريعن موجب پيٽرول ۽ ڊيزل تي ليوي جي ڍانچي ۾ تبديلي تي غور ٿي رهيو آهي هن وقت پيٽرول تي 100 رپيا في ليٽر ۽ ڊيزل تي 55 رپيا في ليٽر ليوي لاڳو آهي اهي ليويز آءِ ايم ايف جي شرطن جو حصو آهن فنانس ڊويزن آءِ ايم ايف سان ليوي ۾ ممڪن تبديلي بابت تفصيلي تجويز تي ڳالهه ٻولهه ڪندو اهڙا آپشن ڳوليا پيا وڃن جن سان عوام تي بار منتقل ٿيڻ کان روڪي سگهجي مجموعي طور، حڪومت عالمي حالتن باوجود مقامي سطح تي پيٽروليم اگهن کي قابو ۾ رکڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، پرآءِ ايم ايف سان ڳالهين جو نتيجو ئي حتمي حڪمت عملي طئي ڪندو۔