ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي سڀاڻي کان ڪراچي ۾ انڌاري، گجگوڙ ۽ کنوڻ سان طوفاني برسات ۽ ڳڙي جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
موسميات کاتي سنڌ جي راڄڌاني سميت مختلف شهرن لاءِ جاري ڪيل الرٽ ۾ چيو آهي ته اولهندي هوائن جو سلسلو اڄ بلوچستان جي ڏکڻ اولهندي علائقن ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن کي نظر ۾ رکندي اڄ کان 4 اپريل تائين ڪراچي، ڄامشورو، دادو، لاڙڪاڻو ۽ قمبر شهدادڪوٽ ۾ برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب، سکر،خيرپور، ڪشمور، جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، بدين، ٺٽو، حيدرآباد ۽ ٻين علائقن ۾ پڻ وسڪاري جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اڄ ڪراچي ۾ هلڪي برسات ۽ بوندا باندي ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته خميس کان گجگوڙ ۽ کنوڻ سان برسات جو سلسلو تيز ٿيڻ جو امڪان آهي.
الرٽ موجب، شهر جي ڪجهه علائقن ۾ وچولي ۽ ڪجهه هنڌن تي تيز برسات سان گڏ ڳڙو پڻ پئجي سگهي ٿو، جڏهن ته تيز هوائن، ڳڙي ۽ کنوڻ سبب بجلي جي ٿنڀن، سولر پينلز، بل بورڊز ۽ بيٺل فصلن کي نقصان پهچڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي.