اسڪول هفتي ۾ ٽي ڏينهن بند رهندا، اعلان ٿي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب هاڻي سڄي صوبي ۾ جمعي جي ڏينهن هفتيوار موڪل هوندي، جڏهن ته تعليمي ادارا هفتي ۾ رڳو چار ڏينهن کليل رهندا.
جاري ڪيل نئين شيڊيول تحت اسڪول صبح 8 وڳي کان منجهند ڏيڍ وڳي تائين کليل رهندا.
ڊبل شفٽ وارن اسڪولن ۾ مارننگ شفٽ کي ساڍي 12 وڳي موڪل ڏني ويندي، جڏهن ته سيڪنڊ شفٽ منجهند هڪ وڳي کان شام ساڍي پنجين وڳي تائين جاري رهندي.
تعليم کاتي موجب، نئين شيڊيول جو مقصد تعليمي نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ تدريسي عمل کي اثرائتو ڪرڻ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.