نيوزيلينڊ وومينز ڏکڻ آفريڪا خلاف هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ ۾ نئين تاريخ لکي ڇڏي

ويلنگٽن (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ وومينز ڏکڻ آفريڪا خلاف 346 رنسن جو هدف حاصل ڪري ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ نئين تاريخ لکي ڇڏي.
نيوزيلينڊ وومينز ڏکڻ آفريڪا طرفان ڏنل 347 رنسن جو هدف ٻه بال اڳ 8 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو ۽ ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ نئون رڪارڊ قائم ڪيو.
ڪيوي ڪپتان اميليا ڪير 139 بالن تي 179 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
نيوزيلينڊ جون شروعاتي چار وڪيٽون تڪڙيون ڪِري پيون جنهن کانپوءِ ڪپتان اميليا ايزابيل سان گڏ 120 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي ۽ هڪ اينڊ تان اسڪور تيزيءَ سان وڌائڻ جو سلسلو جاري رکيو.
ڪيوي ڪپتان پنهنجي سينچري 90 بالن تي مڪمل ڪئي جڏهن ته آخري 79 رنسون رڳو 49 بالن تي ٺاهيون، جڏهن ته ايزابيل 48 بالن تي 68 رنسن سان نمايان رهي.
ڏکڻ آفريڪا وومينز طرفان ايابونگا خاڪا ٽه وڪيٽون ورتيون.
ان کان اڳ ڏکڻ آفريڪا پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 346 رنسون ٺاهيون هيون ۽ نيوزيلينڊ کي ڪاميابي لاءِ 347 رنسن جو هدف ڏنو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.