واشنگٽن/ تهران/لنڊن/ تل ابيب (ويب ڊيسڪ) وچ اوڀر ۾ جاري ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل جنگ دوران اسرائيلي فوج ايران تي هزارين هدفن کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جڏهن برطانيه هڪ ڀيرو وري هن جنگ کان پري رهڻ جو اعلان ڪيو آهي. ٻئي پاسي ڊونلڊ ٽرمپ طرفان نيٽو مان ڌار ٿيڻ جي اشاري ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ لاهن چاڙهن سڄي دنيا کي ڳڻتي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي.
برطانيا ڪنهن به صورت ۾ ايران جنگ ۾ شامل نه ٿيندو
برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪيو آهي ته ڪنهن به صورت ۾ برطانيه وچ اوڀر جي جنگ ۾ شامل نه ٿيندو.
لنڊن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر چيو ته ايران ۽ آمريڪا اسان جي جنگ ناهي، اسان ڪنهن به صورت ۾ ان ۾ شامل نه ٿينداسين.
هن خبردار ڪيو ته ايران جنگ جا اثر اسان جي مستقبل کي متاثر ڪندا، تنهنڪري اسان برطانيه کي هن جنگ ۾ گهيلڻ جي اجازت نه ڏينداسين، اسان ايندڙ نسلن کي محفوظ ملڪ ڏيڻ چاهيون ٿا.
هڪ سوال جي جواب ۾ برطانوي وزيراعظم چيو ته آبناءِ هرمز کولرائڻ لاءِ پرڏيهي سيڪريٽري ييٽي ڪوپر سياسي ۽ سفارتي قدمن لاءِ ڪم ڪندي ۽ ان سلسلي ۾ هو عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون به ڪندي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان نيٽو اتحاد کان ڌار ٿيڻ تي غور ڪرڻ بابت سوال تي برطانوي وزيراعظم چيو ته ڀلي ڪيترو به دٻاءُ ڇو نه هجي، اسان کي پنهنجي ملڪ جي مفاد ۾ فيصلا ڪرڻا آهن.
آمريڪا نيٽو کان ڌار ٿيڻ تي غور ڪري رهيو آهي: ڊونلڊ ٽرمپ
برطانوي اخبار دي ٽيليگراف سان ڳالهائيندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هو ڪڏهن به نيٽو کان متاثر نه ٿيو آهي.
هن چيو ته هو هميشه ڄاڻي پيو ته نيٽو هڪ ڪاغذي شينهن آهي ۽ روسي صدر پيوٽن به اها ڳالهه ڄاڻي ٿو.
ٽرمپ وڌيڪ چيو ته هو آمريڪا جي نيٽو کان ڌار ٿيڻ بابت سنجيدگي سان غور ڪري رهيو آهي.
ارجنٽينا ايراني پاسدارانِ انقلاب گارڊز کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏئي ڇڏيو
ارجنٽينا حزب الله جي حمايت ڪرڻ سبب ايراني پاسدارانِ انقلاب کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
واضح رهي ته ارجنٽينا حزب الله کي 1994ع ۾ بيونس آئرس ۾ يهودي مرڪز تي حملي جو ذميوار قرار ڏئي ٿو، جنهن ۾ 85 ڄڻا مارجي ويا هئا.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، ان فيصلي کانپوءِ ارجنٽينا ايراني پاسدارانِ انقلاب گارڊز خلاف مالي پابنديون ۽ ٻي قانون ڪارروائي ڪري سگهندو .
ايران تي هينئر تائين 800 کان وڌيڪ حملا ۽ 4 هزار هدفن کي نشانو بڻايا ويا آهن: اسرائيلي فوج
اسرائيلي فوج هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ايران خلاف جنگ جي پهرين مهيني ۾ 800 کان وڌيڪ هوائي حملا ڪيا ويا، جن ۾ 2 هزار کان وڌيڪ ايراني فوجي ۽ ڪمانڊرز کي نشانو بڻايو ويو.
اسرائيلي فوج موجب، ايران تي حملن ۾ اٽڪل 16 هزار مختلف هٿيار استعمال ڪيا ويا، جڏهن ته 4 هزار کان وڌيڪ هدفن کي نشانو بڻايو ويو.
ٻئي پاسي ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۾ هينئر تائين 1937 ڄڻا شهيد ٿيا، جن ۾ 240 عورتون ۽ 212 ٻار پڻ شامل آهن.
ايران جنگ جي خاتمي بابت تڪراري خبرون، عالمي مارڪيٽ ۾ تيل اگهن ۾ لاها چاڙها
برينٽ ڪچو تيل 118 ڊالر لاٿ کانپوءِ 106 ڊالر في بيرل تي اچي ويو آهي، جڏهن ته ڊبليو ٽي آءِ ڪچو تيل 103 ڊالر في بيرل تي مستحڪم آهي.
ان کانسواءِ يو اي اي مربن ڪچو تيل 3 سيڪڙو واڌ بعد 121 ڊالر في بيرل تي وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي آمريڪي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ تيزي ڏسڻ ۾ آئي آهي.
ڊائو انڊيڪس ۾ اڍائي سيڪڙو، ايس اينڊ پي ۾ 2.91 ۽ نياسڊيڪ ۾ 3.83 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.
ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 نرسون شهيد
ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 نرسون شهيد ٿي ويون آهن.
ڊي جي نرسنگ سسٽم آرگنائيزيشن چيو آهي ته نرسن کي ڊيوٽي دوران نشانو بڻايو ويو.
آمريڪي شهرين جي اڪثريت ايران جنگ ترت ختم ڪرڻ جي حامي: سروي
برطانوي خابرو اداري رائٽرز ۽ اپسوس پول طرفان ايران جنگ بابت سروي ڪيو ويو.
سروي مان پتو پيو ته ٻه ڀاڱي ٽي آمريڪي سمجهن ٿا ته ايران جنگ فوري طور ختم ٿيڻ گهرجي ۽ مقصد حاصل ٿيڻ کانسواءِ به جنگ ختم ٿيڻ گهرجي.
سروي موجب هر 10 مان 4 ريپبلڪن به اهو ئي سمجهن ٿا ته آمريڪا کي ايران جنگ ترت ختم ڪرڻ گهرجي.
پولينڊ جو پنهنجو پيٽرياٽ ايئر ڊفنيس سسٽم وچ اوڀر موڪلڻ کان انڪار
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، پولينڊ پنهنجي پيٽرياٽ ايئر ڊفينس سسٽم وچ اوڀر موڪلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
ان ڏس ۾ پولش بچاءَ واري وزير چيو آهي ته پيٽرياٽ بيٽريون ۽ سندن هٿيار پولينڊ جي فضائي حدن ۽ نيٽو جي اوڀر واري محاذ جي دفاع لاءِ استعمال ٿي رهيو آهي.
رپورٽن موجب، اهو اعلان اهڙين خبرن کان پوءِ ڪيو ويو، جن ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته آمريڪا ايران خلاف جنگ ۾ اهو سسٽم استعمال ڪرڻ چاهي ٿو.
ايران جا علائقائي اتحادي هاڻي اسرائيل لاءِ خطرو ناهن رهيا: نيتن ياهو
اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو چيو آهي ته ايران جا علائقائي اتحادي هاڻي اسرائيل لاءِ خطرو ناهن رهيا.
پنهنجي بيان ۾ نيتن ياهو چيو ته هن جنگ اسان کي علائقي ۾ ايران خلاف نئون اتحاد ٺاهڻ جو موقعو ڏنو آهي.
هن چيو ته ايراني خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ خطي جي اهم ملڪن سان اتحاد ٺاهيو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ايران اڃا به اسرائيل تي ڊرون ۽ ميزائل فائر ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
واضح رهي ته اسرائيلي وزيراعظم اتحاد ۾ شامل ملڪن جا نالا ظاهر ناهن ڪيا.
آمريڪي ۽ اسرائيلي بمباري باوجود ايران جي مختلف شهرن ۾ عوام روڊن تي نڪري آيو
ايراني صدر مسعود پزشڪيان ۽ پرڏيهي وزير عباس عراقچي مظاهرن ۾ شرڪت ڪئي.
صدر پزشڪيان چيو ته قوم قومي ايڪي، سماجي برابري ۽ اسلامي انقلاب جي تحفظ کي جاري رکي، جڏهن ته ان موقعي تي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو ته هو پنهنجي جذبي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ ريلي ۾ شامل ٿيو.