شاهين آفريدي ۽ حارث رئوف سان گڏ کيڏڻ اعزاز سمجهان ٿو، ٻنهي مان سکڻ جي ڪوشش ڪندس: عبيد شاهه

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور قلندرز جي نوجوان فاسٽ بالر عبيد شاهه چيو آهي ته شاهين شاهه آفريدي، حارث رئوف ۽ مستفيض الرحمان جهڙن تجربيڪار بالرن سان گڏ کيڏڻ منهنجي لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي، هتان تجربو حاصل ڪري پنهنجي راند کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ چاهيان ٿو.
خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي قومي فاسٽ بالر نسيم شاهه جي ننڍي ڀاءُ عبيد شاهه چيو ته اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ ملتان سلطانز کانپوءِ لاهور قلندرز طرفان موقعو ملڻ خوشي جي ڳالهه آهي، جتي ٽيم مئنيجمينٽ ۽ رانديگرن، خاص ڪري ثمين رانا ۽ ڪپتان شاهين آفريدي جي ڀرپور حمايت حاصل آهي.
هن چيو ته شاهين، حارث ۽ مستفيض جي موجودگي ۾ لاهور قلندرز جي بالنگ لائين اپ پي ايس ايل جي بهترين بالنگ اٽيڪ بڻجي چڪي آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪپتان شاهين آفريدي مون تي ڀروسو ڪري ٿو ۽ اڪثر مون کان بالنگ جي شروعات ڪرائي ٿو جيڪا مون لاءِ فخر جو جوڳي ڳالهه آهي.
سندس چوڻ هو ته هر ٽورنامنٽ ۾ منهنجي ڪوشش ٽيم لاءِ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۽ پاڻ کي بهترين بالر ثابت ڪرڻ هوندي آهي.
عبيد شاهه واضح ڪيو ته مان ڪنهن هڪ بالر جي ڪاپي ناهيان ڪندو پر جيڪو به سٺي بالنگ ڪري ٿو ان مان سکڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان.
نوجوان فاسٽ بالر جو وڌيڪ چوڻ هو ته ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ مڪمل طور تي مائنڊ سيٽ جي راند آهي جنهن ۾ بيٽرن جي حڪمت عملي کي سمجهي ان موجب بالنگ ڪرڻ ضروري هوندو آهي، ماڊرن ڪرڪيٽ ۾ بيٽرن وٽ هر قسم جا شاٽس هوندا آهن، ان ڪري بالرن کي سندن ذهن سان کيڏڻو پوي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.