ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جديد ٽرانسپورٽ ۽ ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ وڏو قدمکڻندي اليڪٽرڪ وهيڪل (اي وي) ٽيڪسي پروجيڪٽ جي اهم معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن.
صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سنڌ بئنڪ، سنڌ ڊيولپمينٽ فنڊ ۽ سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي سان معاهدي تي صحيحون ڪيون، جنهن جو مقصد صوبي ۾ ماحول دوست ٽرانسپورٽ کي هٿي ڏيڻ آهي.
معاهدي تحت سنڌ ۾ اليڪٽرڪ ٽيڪسي سروس شروع ڪئي ويندي، جنهن ذريعي شهرين کي بهترين سفري سهولتون ملڻ سان گڏ روزگار جا نوان موقعا به پيدا ٿيندا.
تقريب کي خطاب ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته هي منصوبو آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن جو حصو آهي.
سندس چوڻ هو ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ پنڪ بس ۽ هاڻي پنڪ اسڪوٽي اسڪيم شروع ڪئي وئي آهي.
هن چيوته پهريان رڳو 150 عورتن وٽ لائسنس هئا، پر هاڻي 20 هزار عورتن لائسنس لاءِ درخواستون ڏنيون آهن، جن کي حڪومت مفت تربيت به ڏئي رهي آهي.
صوبائي وزير چيوته حڪومت جي ترجيح نوجوانن کي نوڪريون ڏيڻ آهي، هن ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون ۾ اي وي گاڏين جو پلانٽ لڳائڻ جي خواهش جو به اظهار ڪيو.
شرجيل ميمڻ چيو ته حڪومت مهانگائي تي ضابطو آڻڻ لاءِ سنجيدگي سان ڪم ڪري رهي آهي ۽ ملڪي مفاد خلاف ڪنهن به قدم کي برداشت نه ڪيو ويندو.
هن وڌيڪ چيو ته پنڪ اي وي ٽيڪسي منصوبي جو خاص مقصد عورتن کي محفوظ سفر فراهم ڪرڻ ۽ کين معاشي طور تي مضبوط بڻائڻ آهي.