تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني راڄڌاني تهران ” مهرباني پاڪستان“جي نعرن سان گونجڻ لڳي.
تهران جي ولي عصر چوڪ تي هزارين ايراني پاڪستاني قومي پرچم ۽ پلي ڪارڊ کڻي پهتا، جن تي ”مهرباني پاڪستان“ جا نعرا لکيل هئا.
تهران ۾ نڪتل ريلين ۾ صدر مسعود پزشڪيان ۽ پرڏيهي وزير عباس عراقچي به شرڪت ڪئي، جنهن وڊيوز سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهيون آهن.