تهران (ويب ڊيسڪ) ايران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو جنگبندي بابت بيان رد ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، ايراني پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته سپريم ليڊر مجتبى خامنه اي مڪمل طور تي صحت مند ۽ خيريت سان آهن، جنگي حالتن جي ڪري رهبر اعليٰ عوام جي سامهون نه پيو اچي.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ هو ته دنيا ۾ هاڻي ڪو به آمريڪي سفارتڪاري تي ڀروسو نٿو ڪري سگهي، آمريڪا ڳالهين کي پنهنجا مطالبا مڙهڻ لاءِ استعمال ڪندو آهي.
ترجمان چيوته آمريڪا سفارتڪاري کي به طاقت جي استعمال لاءِ رستو هموار ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري ٿو، جنگ جي شروعات آمريڪا ۽ اسرائيل ڪئي هئي، تهران پاڻ تي مڙهيل جنگ ۾ پنهنجو دفاع ڪري رهيو آهي.
ٻئي پاسي پاسداران انقلاب پڻ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي جنگ بندي واري بيان جي ترديد ڪري ڇڏي آهي ۽ چيو آهي ته آبناءِ هرمز کي آمريڪي صدر جي کِل جوڳي نمائش ذريعي نه کوليو ويندو، آبناءِ هرمز مضبوط ۽ مڪمل ڪنٽرول ۾ آهي.
You might also like