واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته ايران جي نئين رجيم جي صدر آمريڪا کان جنگبندي جي درخواست ڪئي آهي.
سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ٽروٿ سوشل“ تي جاري ڪيل بيان ۾ ٽرمپ چيو ته ايران جو نئون صدر گذريل حڪمرانن جي ڀيٽ ۾ گهٽ شدت پسند ۽ گهڻو ذهين آهي.
آمريڪي صدر واضح ڪيو ته اسان جنگ بندي جي درخواست تي تڏهن غور ڪنداسين جڏهن آبناءِ هرمز مڪمل طور محفوظ ۽ کليل هوندي.
هن وڌيڪ چيو ته جيستائين اسان جا شرط پورا نه ٿيندا، تيستائين ايران تي حملا جاري رهندا ۽ اسان ان کي پٿر جي دور ۾ ڌڪي ڇڏينداسين.
برطانوي ميڊيا کي ڏنل انٽرويوءَ ۾ آمريڪي صدر چيوته ايران ۾ حڪومت جي مڪمل تبديلي ٿي چڪي آهي ۽ اسين جلد اتان نڪري وينداسين، پر ڪا ٽائم لائن نٿا ڏئي سگهون.
هن چيوته ايران هاڻي ايٽمي هٿيار حاصل نه ڪندو ۽ نه ئي اهڙي ڪوشش ڪندو، اسين سيٽلائيٽ ذريعي ان جي نگراني ڪنداسين.
هن وڌيڪ چيوته آمريڪا کي ”نيٽو“ مان ڪڍڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته مان ان اتحاد کي پسند نٿو ڪريان.
ياد رهي ته ان کان اڳ صدر ٽرمپ 2 کان 3 هفتن ۾ ايران جنگ مان نڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.
وائيٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن دعويٰ ڪئي هئي ته اسان جو اصل مقصد ايران کي ايٽمي هٿيارن کان روڪڻ هو، جيڪو اسان حاصل ڪري ورتو آهي.
You might also like