عشق هجي ته اهڙو! 55 ورهين جي مالدار عورت جو 25 سالن جي نوجوان سان پرڻو، تحفي ۾ ڪروڙن جا اثاثا ڏئي ڇڏيائينس

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين ۾ 55 ورهين جي امير عورت طرفان 25 سالن جي نوجوان سان شادي، تحفي ۾ 5 ڪروڙ يوآن (2 ارب پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) ڏئي ڇڏيا.
چين ۾ هڪ 55 ورهين جي امير عورت 25 سالن جي شخص سان شادي ڪري ورتي آهي ۽ تحفي ۾ کيس 5 ڪروڙ يوآن (2 ارب پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) ڏنا آهن.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، 55 ورهين جي يو وين هونگ جي پيدائش هڪ وچولي گهراڻي ۾ ٿي هئي ۽ پيءُ جي لاڏاڻي کانپوءِ هن 18 سالن جي عمر ۾ بيوٽي انڊسٽري ۾ ڪم شروع ڪيو ته جيئن گهر وارن جي مدد ڪري سگهي.
ڪجهه وقت کانپوءِ هن پنهنجو بيوٽي سيلون کوليو ۽ 2004 ۾ هانگ ڪانگ ۾ هڪ ڪاروباري اداري جو بنياد رکيو.
اهڙي طرح هوءَ پنهنجي ڪاروباري سلطنت قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي، 45 سالن جي عمر ۾ هن هڪ جوان ماڊل سان محبت شروع ڪئي جنهن جي عمر ان وقت 25 سال هئي.
پر هاڻي هن هڪٻئي 25 سالن جي شخص سان شادي ڪئي آهي جنهن جي پيدائش 2001 ۾ ٿي هئي ۽ ماضي ۾ اهو سندن ڪمپني لاءِ ماڊل طور ڪم ڪري چڪو آهي، ٻنهي جي ملاقات 2025 جي ٻي ڇهه ماهي دوران ٿي هئي.
ميڊيا رپورٽن موجب، يو وين هونگ طرفان ان همراهه کي اڪثر تحفا ۽ رقم موڪلي ويندي هئي،هن مهنگا تحفا جهڙوڪ مرسڊيز گاڏيون ان شخص کي ڏيون هيون.
رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٻنهي مارچ 2025 ۾ شادي ڪئي ۽ يو وين هونگ ان شخص کي 5 ڪروڙ ماليت جا اثاثا تحفي ۾ ڏنا جنهن ۾ روڪ رقم، ملڪيتون ۽ گاڏيون شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.