اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جا اثر پاڪستان تي به ظاهر ٿيڻ لڳا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ مارچ دوران مهانگائي 19 مهينن جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي.
شماريات کاتي جي انگن اکرن موجب، فيبروري جي ڀيٽ ۾ مارچ دوران مهانگائي ۾ 1.18 سيڪڙو واڌ ٿي، جنهن کانپوءِ سالياني مهانگائي جي شرح 7.30 سيڪڙو تائين وڃي پهتي آهي.
شماريات کاتي موجب، اها شرح آگسٽ 2024 کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
هلندڙ مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ سراسري مهانگائي 5.67 سيڪڙو رهي، جڏهن ته شهري علائقن ۾ مهانگائي جو تناسب 7.39 ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ 7.17 سيڪڙو رهيو.
You might also like