اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت آءِ ايم ايف جي هڪ ٻي شرط پوري ڪرڻ لاءِ ڪڻڪ کانپوءِ شوگر سيڪٽر کي به ڊي ريگيوليٽ ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪيو آهي، جنهن لاءِ پلان تيار ڪري منظوري لاءِ وزيراعظم کي پيش ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، شوگر ملز جا لائسنس، امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ سميت هر شعبي کي ڊي ريگيوليٽ ڪيو ويندو، پنجاب، ڪي پي ۽ بلوچستان ان تي راضپو ظاهر ڪيو آهي، جڏهن ته سنڌ جون سفارشون اڃا اچڻيون آهن.
پلان موجب، هارين جي تحفظ ۽ ڪارٽلائزيشن کي روڪڻ لاءِ ريگيوليٽري اٿارٽي قائم ڪرڻ جي تجويز آهي، هارين کي ڪمند پوکڻ جي مڪمل آزادي هوندي ۽ هو ڪنهن به مل کي ڪمند وڪرو ڪري سگهندا يا ڳڙ ٺاهي سگهندا.
ڪمند جي قيمت مارڪيٽ طئي ڪندي، جڏهن ته شوگر ملز ٻاهران ڪچو مال گهرائي کنڊ ٺاهي سگهنديون، حڪومت کنڊ جي برآمد تي ڪا سبسڊي نه ڏيندي ۽ نيون شوگر ملز لڳائڻ تي پابندي ختم ڪئي ويندي، جڏهن ته پلان ۾ ممنوعه قسمن جي لسٽ اڳواٽ جاري ڪرڻ جي تجويز پڻ شامل آهي.
You might also like