گل پلازا جاچ ڪميشن پاران ايس بي سي اي کان جواب طلب

ڪراچي(رپورٽر)گل پلازه عدالتي ڪميشن جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي، ڪميشن جو ايس بي سي اي کان جواب طلب، ڪميشن سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کان قانوني وضاحت گهري آهي، عدالتي ڪميشن پڇاڻو ڪيو ته گل پلازا ۾ بلڊنگ ريگيوليشنز جي ذميواري ڪنهنجي آهي ؟ ڪميشن ڪراچي بلڊنگ اينڊ ٽائون پلاننگ ريگيوليشنز 2002 تي عملدرآمد بابت به جواب طلب ڪيو ۽ ايس بي سي اي کان سپروائزري ۽ انفورسمنٽ ڪردار جا تفصيل گهريا آهن. ڪميشن سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول آرڊيننس 1979 تحت وضاحت طلب ڪندر لاڳاپيل قانوني شقن جا حوالا به طلب ڪيا آهن. ڪمرشن سمورا تفصيل 1 اپريل 2026 صبح 11 وڳي تائين جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.