حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد پوليس، ھوٽل تي ڪم ڪندڙ ٿر واسي نوجوان کي ڪھي قتل ڪندڙ ٻن جوابدارن مان ھڪ کي ڳوٺان پڪڙي کڻي اچي حيدرآباد ۾ گولي ھڻي ڇڏي، پوليس جو چوڻ هو ته جوابدار کي مقابلي ۾ زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس ترجمان موجب ٻه ڏينھن اڳ لطيف آباد يونٽ نمبر 5 ۾ هڪ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي هوٽل تي ڪم ڪندڙ پورهيت ثناءُ الله ولد چنيسر مڱريو جو ذبح ٿيل لاش مليو هو، ايس ايس پي حيدرآباد شاهزيب چاچڙ واقعي جو فوري نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او بي سيڪشن کي ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا هئا، جنھن بعد مقتول جي ڀاءُ مصري منگريو جي مدعيت ۾ گناھ نمبر 82/2026 قلم 302، 34 پي پي سي تحت داخل ڪري جاچ شروع ڪئي، ڪالھ ھڪ ڳجھي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي جيئن ئي نائيچاڻي بند يونٽ نمبر 10 لطيف آباد ۾ جوابدارن جي موجودگي تي ڇاپو هنيو ته ٻن جوابدارن پوليس پارٽي تي فائرنگ شروع ڪري ڏني، پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ جوابدار ريحان ولد مير حسن گوپانگ جيڪو بلڙي شاھ ڪريم ويجھو ڳوٺ نور محمد خان گوپانگ جو رھواسي آھي کي زخمي حالت ۾ پسٽل سميت گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته قتل جي واردات ۾ ملوث ٻيو جوابدار سعود احمد گوپانگ موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، بعد ۾ زخمي جوابدار کي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، ترجمان موجب گرفتار جوابدار اسپتال نيندي ابتدائي بيان ۾ قتل جو اعتراف ڪندي واردات جا تفصيل پڻ ٻڌايا ۽ چيو ته ھن پراڻي رنجش تان سعود احمد سان گڏجي اھو قتل ڪيو، پوليس پاران جاري ڪيل جوابدار جي وڊيو بيان ۾ ھو چئي رهيو ھو ته سعود ڪارخاني تان آندل ڇري سان ثناءُ الله مڱريو جو ڳلو ڪپيو ۽ مون ھن کي سرون ھنيون ھيون، قتل واردات کانپوءِ ڳوٺ ڀڄي ويا ھئاسين، ترجمان موجب وڌيڪ قانوني ڪارروائي جاري آهي.