اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاران پيٽروليم شين ۽ سولر سسٽم تي 18 سيڪڙو جي ايس ٽي لڳائڻ جو سخت مطالبو ڪيو ويو آهي، جنهن سان ملڪ ۾ مهانگائي جو نئون طوفان اچڻ جو خدشو آهي. آءِ ايم ايف ايندڙ مالي سال 2026-27 جي بجيٽ لاءِ 15 هزار 600 ارب رپين کان وڌيڪ جو ٽيڪس هدف رکڻ جي تجويز ڏني آهي، جيڪو گذريل سال جي مقابلي ۾ 16 سو ارب رپيا وڌيڪ آهي. ايف بي آر ذريعن موجب آءِ ايم ايف نون گهرن تي ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ ۽ ننڍن تاجرن تي اثاثن جي بنياد تي ٽيڪس مڙهڻ تي پڻ زور ڏنو آهي. ياد رهي ته جاري مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ ٽيڪس شارٽ فال 600 ارب رپين تائين پهچڻ جو امڪان آهي، جنهن جو وڏو سبب جنگي صورتحال ۽ تيل جي قيمتن ۾ واڌ کي قرار ڏنو پيو وڃي. ايف بي آر اختياريون سپر ٽيڪس ۽ سرچارج ذريعي خسارو پورو ڪرڻ لاءِ پراميد آهن. فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) کي مارچ 2026ع جو ٽيڪس هدف پورو ڪرڻ ۾ سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جتي 200 ارب رپين تائين جي وڏي گهٽتائي جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. ذريعن موجب خطي ۾ جاري جنگي صورتحال ۽ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ سبب ملڪي معاشي سرگرميون سست ٿي ويون آهن، جنهن جو سڌو اثر ٽيڪس وصولين تي پيو آهي. برآمد ڪندڙن کي 60 ارب رپين کان وڌيڪ جا ريفنڊز جاري ڪيا ويا، جنهن سان بجيٽ تي دٻاءُ پيو. جولائي کان فيبروري تائين مجموعي ٽيڪس وصولي 8121 ارب رپيا رڪارڊ ڪئي وئي. دستاويزن موجب، جولائي کان مارچ تائين مجموعي شارٽ فال 600 ارب رپين کان وڌي وڃڻ جو امڪان آهي. ايف بي آر طرفان آءِ ايم ايف کي ٽيڪس هدف ۾ گهٽتائي جي درخواست ڪئي وئي هئي، جيڪا عالمي مالياتي اداري پاران قبول نه ڪئي وئي. نتيجي طور، حڪومت تي ايندڙ ڏينهن ۾ اضافي ٽيڪس قدمن يا مني بجيٽ ذريعي خسارو پورو ڪرڻ جو دٻاءُ وڌي ويو آهي.
-
منافعي خورن جو دٻاءُ، انتظاميا کير 20 رپيا مهانگو ڪري ڇڏيو
ڪراچي (رپورٽر) ڪمشنر ڪراچي پاران شهر ۾ کير جي قيمتن ۾ 20 رپيا في ليٽر اضافي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهنکانپوءِ کير جو ريٽيل اگهه 220 مان وڌي 240 رپيا ٿي ويو آهي. نئين نوٽيفڪيشن موجب، ڊيري فارمرز لاءِ اگهه 215 رپيا ۽ هول سيلرز لاءِ 225 رپيا في ليٽر مقرر ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن پهريان ڪراچي ڊيري ايسوسيئيشن پاران مهانگائي جو عذر پيش ڪندي اگهه وڌائڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو ۽ چتاءُ ڏنو ويو هو ته جيڪڏهن سرڪاري سطح تي اگهه نه وڌايو ويو ته هو پاڻمرادو کير 300 رپيا ليٽر وڪرو ڪندا. جنهن کانپوءِ انتظاميه اگهه ۾ 20 رپيا اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
-
وفاقي ڪابينا 40 ڪروڙ 72 لک رپين جون پگهارون ۽ الائونس ورتا
اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) وفاقي وزيرن، مملڪتي وزيرن، صلاحڪارن ۽ خاص معاونن پاران هلندڙ سال دوران ورتل پگهارن جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن۔سرڪاري دستاويزن موجب هلندڙ مالي سال ۾ وفاقي ڪابينا جي ميمبرن، جن ۾ صلاحڪار ۽ خصوصي معاون به شامل آهن، مجموعي طور 40 ڪروڙ 72 لک 16 هزار رپيا پگهارن ۽ الائونسز جي مد ۾ وصول ڪيا آهن۔وزيرن، صلاحڪارن ۽ خصوصي معاونن لاءِ 100 کان وڌيڪ گاڏين جي استعمال، مرمت ۽ پيٽرول تي 26 ڪروڙ 64 لک رپيا خرچ ڪيا ويا آهن۔هن سال وفاقي ڪابينا جي ميمبرن، صلاحڪارن ۽ معاونن لاءِ مجموعي طور 68 ڪروڙ 87 لک 27 هزار رپيا رکيا ويا آهن۔
-
ايل پي جي اگهن کي پر لڳي ويا، مارڪيٽ ۾ اگهه چار سئو رپين کان وڌي ويو
اسلام آباد (ع آ نيوز) آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) ايل پي جي اگهن ۾ وڏي واڌ ڪري ڇڏي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب، ايل پي جي اگهه ۾ في ڪلو 78 رپيا 28 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ في ڪلو ايل پي جي جي نئين قيمت 304 رپيا 12 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي. قيمتن ۾ تازي واڌ سبب ايل پي جي جو گهريلو سلينڊر 923 رپيا 71 پئسا مهانگو ٿي ويو آهي. اوگرا موجب، ايل پي جي جي 11.8 ڪلوگرام گهريلو سلينڊر جي نئين قيمت هاڻي 3588 رپيا 59 پئسا هوندي. ايل پي جي جا نوان اگهه پهرين اپريل 2026 کان سڄي ملڪ ۾ لاڳو هوندا. وچ اوڀر ۾ جاري جنگ جا اثر پاڪستان جي توانائي مارڪيٽ تائين پهچڻ شروع ٿي ويا آهن، جنهن جي ڪري ايل پي جي جي قيمتن ۾ وڏي واڌ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي. ايل پي جي ڊسٽريبيوشن ايسوسيئيشن موجب، في ڪلوگرام ايل پي جي جي قيمت ۾ 90 کان 100 رپيا واڌ جو امڪان آهي، جنهن کان پوءِ ان جي قيمت 500 رپيا في ڪلوگرام تائين پهچي سگهي ٿي. ايسوسيئيشن صارفين کي خبردار ڪيو آهي ته گهريلو سلنڊر جي قيمت ۾ به 1000 رپيا واڌ ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته عالمي سطح تي قيمتن ۾ واڌ جي ڪري، هڪ ڪمرشل سلنڈر 4500 رپيا مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي. توانائي ماهر عرفان کوکر چيو ته ايل پي جي جي وڌندڙ قيمتن سان مهانگائي جي هڪ نئين لهر پيدا ٿي سگهي ٿي ۽ عام صارف، خاص طور تي غريب، ايل پي جي گئس خريد ڪرڻ کان محروم ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ ايل پي جي جي قيمت ۾ 238 ڊالر جو اضافو ٿيو آهي، جنهن جو اثر پاڪستان جي مقامي مارڪيٽ تي به پئجي رهيو آهي. ايل پي جي ڊسٽريبيوشن ايسوسيئيشن حڪومت کان فوري قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته قيمتن ۾ واڌ جي هن بحران کان صارفين کي بچائڻ لاءِ هڪ اثرائتي حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي. ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن فوري قدم نه کنيا ويا ته توانائي جي شعبي ۾ هي اتار چڙهاؤ وڌندڙ مهانگائي جي صورت ۾ ماڻهن تي سڌو اثر پوندو ۽ ملڪ جي معيشت تي دٻاءُ به وڌي سگهي ٿو.
-
تيل فراهمي گهٽجڻ جي خدشن سبب عالمي منڊي ۾ ڪچو تيل مهانگو
لنڊن/واشنگٽن (م ڊ) عالمي منڊي ۾ ڪچي تيل جي فراهمي بابت وڌندڙ خدشن سبب تيل جي قيمتن ۾ وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ برٽش برنٽ 5.29 ڊالر جي اضافي سان 118 ڊالر في بيرل تي پهچي ويو آهي. آمريڪي خام تيل پڻ 102 ڊالر في بيرل ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي، جنهن جا اثر آمريڪي عوام تي پڻ پئجي رهيا آهن، جتي پيٽرول جي قيمت چئن سالن جي بلند ترين سطح يعني 4 ڊالر في گيلن کان وڌي وئي آهي. سياسي تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته پيٽرول جي قيمتن ۾ هي واڌ نومبر ۾ ٿيندڙ آمريڪي چونڊن کان اڳ وائٽ هائوس لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪري سگهي ٿي. ٻئي طرف صدر ٽرمپ جو موقف آهي ته آمريڪا دنيا ۾ تيل پيدا ڪندڙ سڀ کان وڏو ملڪ آهي، تنهنڪري عالمي قيمتن ۾ اضافي سان آمريڪا وڌيڪ پئسا ڪمائيندو ۽ ملڪي معيشت کي فائدو پهچندو.
-
عوام مهانگائي هيٺ دٻيل،مراعات يافته اشرافيه جو”شاهي پروٽوڪول“ برقرار
اسلام آباد(امتياز گل) پاڪستان ۾ معاشي اڻ برابري وڌي وئي، سوشل ميڊيا تي ڪجهه وڊيوز وائرل هيون،هڪ وڊيو ۾ هڪ قافلو اچي رهيو آهي، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 35 گاڏيون شامل آهن، ۽ ٻڌايو ويو آهي ته جڏهن وزيراعظم شهباز شريف تازو ڪراچي جي دوري تي آيا ته انهن جي قافلي ۾ به تقريباً ٽي درجن جي لڳ ڀڳ گاڏيون شامل هيون،جنگ سبب هڪ پاسي وزيراعظم چوي ٿو ته سادگي اختيار ڪئي وڃي، اسڪولن کي موڪلون ڏنيون ويون ۽ دفتري وقت به پنج ڏينهن بدران چار ڏينهن ڪيو ويو ٻئي طرف جڏهن وزيراعظم جو قافلو اچي ٿو ته مقامي صوبائي انتظاميا جا وڏا آفيسر استقبال لاءِ موجود هوندا آهن۔ٻي وڊيو ۾ ماڻهو روڊ جي ڪناري بيٺل نظر اچن ٿا، ڇاڪاڻ ته وڏن شخصيتن جي گذرڻ سبب انهن کي سروس روڊ تي موڪليو ويو، جتي ٽريفڪ جام ۽ ماڻهن جي رش نظر اچي ٿي۔ عام ماڻهو سخت مشڪلات ۾ انتظار ڪن ٿا ته وڏا ماڻهو گذري وڃن ته پوءِ روڊ کوليو وڃي۔اهڙي صورتحال مان اندازو لڳايو ته هڪ طرف شايد هڪ سيڪڙو اشرافيه آهي، جنهن جو ذڪر اڳ به ڪيو ويو آهي، ۽ ٻي طرف اهي ماڻهو آهن جيڪي باقي نوانوي سيڪڙو آبادي جي ٽيڪسن ۽ محنت تي پلجن ٿا،ملڪ ۾ هڪ وڏو تضاد موجود آهي۔پاڪستان جي معيشت لڳ ڀڳچار سئو کان ساڍا چار سئو ارب ڊالر ٻڌائي وڃي ٿي، پر عام پاڪستاني جي سراسري آمدني لڳ ڀڳ سترهن سئو ڊالر يا ان کان به گهٽ آهي، ملڪ ۾ غربت جي لڪير کان هيٺ رهندڙ ماڻهو لڳ ڀڳ چاليهه کان پنجيتاليهه سيڪڙو تائين ٿي چڪا آهن، يعني تقريبن اڌ آبادي غربت ۾ زندگي گذاري رهي آهي۔اهي ماڻهو سخت مهانگائي، ٻارڻ ۽ بجلي جي وڌندڙ قيمتن ۽ گهٽ اجرتن سبب متاثر آهن۔ گذريل چار سالن ۾ قوت خريد ۾ لڳ ڀڳ پنجاهه سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، ڇو ته قيمتون وڌنديون رهيون آهن پر پگهارون ان حساب سان نه وڌيون آهن۔شهري علائقن ۾ بجلي جا بل آمدني جو وڏو حصو کڻي وڃن ٿا، ۽ ماڻهو مهانگائي جي ڪري سخت دٻاءُ ۾ آهن۔ اهڙي ملڪ ۾ جتي لکين ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، اتي وڏن شخصيتن جي آمد تي روڊ بند ڪيا وڃن ٿا، جنهن سبب عام ماڻهو ٽريفڪ ۾ ڦاسي وڃن ٿا ۽ سندن سفر متاثر ٿئي ٿو۔اهو سڀ ڪجهه هڪ وڏي عدم توازن کي ظاهر ڪري ٿو، جتي هڪ ننڍڙو طبقو مراعات حاصل ڪري ٿو، جڏهن ته عام ماڻهو مشڪلاتن ۾ ڦاٿل آهن۔سرڪاري خرچن ۽ قرضن جي ادائيگي جو وڏو حصو ملڪ جي بجيٽ کائي وڃي ٿو، جڏهن ته تعليم ۽ صحت لاءِ تمام گهٽ وسيلا رکيا وڃن ٿا۔سرڪاري گاڏين جو انگ تمام وڏو آهي، ۽ سادگي جي مهم باوجود مختلف سرڪاري شخصيتن لاءِ گاڏيون، پيٽرول ۽ ٻين مراعات تي وڏو خرچ ٿئي ٿو، ٻئي طرف حڪومت ٽيڪسن ۾ اضافو ڪري پنهنجا خسارا پورا ڪري ٿي، جنهن سان عام ماڻهو تي بار وڌي وڃي ٿو۔اهڙي صورتحال ۾ عدم مساوات مسلسل وڌي رهي آهي، ۽ اهو به تاثر پيدا ٿي رهيو آهي ته بين الاقوامي ادارا به اهڙين حالتن ۾ قرض فراهم ڪندا رهن ٿا، جنهن سان بنيادي مسئلا حل نٿا ٿين۔ڪجهه ماڻهو خدشو ظاهر ڪن ٿا ته اهڙي صورتحال ملڪ کي وڌيڪ بحران ڏانهن وٺي وڃي سگهي ٿي عدليه، پارليامينٽ ۽ اعليٰ عهديدارن کي به وڏيون مراعتون حاصل آهن، جڏهن ته عام ماڻهو پنهنجي محدود آمدني ۾ ٽيڪس ادا ڪري رهيا آهن، جنهن سان عدم انصاف جو احساس وڌي ٿو۔