ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ڪراچي ۾ سڀاڻي کان برسات جو نئون سلسلو شروع ٿيڻ جو امڪان آهي. اولهندي هوائن وارو هي سسٽم پهرين اپريل تي ايران رستي بلوچستان ۾ داخل ٿيندو، جنهن جي اثر هيٺ ڪراچي ۾ پهرين اپريل جي رات کان وسڪارو ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته 2 اپريل تي برسات جا وڌيڪ امڪان آهن.
موسميات کاتي موجب، شهر ۾ 3 اپريل تي به برسات جو امڪان برقرار رهندو، جڏهن ته ان دوران ڪجهه علائقن ۾ 50 ملي ميٽر يا ان کان وڌيڪ برسات پئجي سگهي ٿي.
برساتي سسٽم دوران 50 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان تيز هوائون به گهلڻ جو امڪان آهي.
ماهرن موجب، هي سسٽم 4 اپريل تائين ملڪ جي مختلف حصن تي اثر انداز رهي سگهي ٿو، جنهن کانپوءِ موسم ۾ تبديلي ايندي.