جبري مذهب تبديلي تي 5 سال ٽيپ ۽ ڏنڊ جي سزا جو بل جمع

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب مذهب جي جبري تبديلي تي 5 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا جي تجويز سان اقليتن جي حقن جي تحفظ جو بل صوبائي اسيمبلي ۾ جمع ڪرايو ويو آهي.
پنجاب اسيمبلي ۾ اقليتن جي حقن جي تحفظ وارو بل جمع ڪرايو ويو، بل اقليتي معاملن واري اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين فيليبس ڪرسٽوفر پرائيويٽ ميمبر طور پيش ڪيو.
جمع ڪرايل بل موجب، جبري تبديلي مذهب ڪرائڻ تي 5 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا تجويز ڪئي وئي آهي.
بل ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته تعليمي ادارن ۽ نوڪرين ۾ اقليتي شهرين سان امتيازي ورتاءُ نه ڪيو ويندو، جڏهن ته صوبائي سطح تي تعليمي نصاب جو به جائزو ورتو ويندو.
ان حوالي سان وفاقي آئيني عدالت گذريل هفتي هڪ اهم فيصلو پڻ جاري ڪري چڪي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.