لنڊن/انقرا (ويب ڊيسڪ) ترڪ حڪومت جي حامي اخبار ”ترڪيه“ چيو آهي ته اسلام آباد ۾ ايران جنگ بابت ٿيل تازي ڳالهين مان اشارو ملي ٿو ته ترڪي، پاڪستان، سعودي عرب ۽ مصر هڪ ”دفاعي اتحاد“ ٺاهڻ وڃي رهيا آهن.
برطانوي ميڊيا موجب، اخبار 31 مارچ واري رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته چئن ملڪن جي نمائندن واري اجلاس جو مرڪز ايران جي جنگ، ان جا اثر ۽ ملڪن وچ ۾ امڪاني فوجي هم آهنگي هو.
رپورٽ ۾ هڪ اڻڄاتل ترڪ اهلڪار حوالي سان چيو ويو ته ”آمريڪا ۽ يورپ جي اسلامي دنيا ۽ وچ اوڀر ۾ اسٽريٽجڪ پوزيشننگ، جنهن جو واحد مقصد اسرائيل جي حفاظت آهي، عالمي استحڪام لاءِ خطرو بڻجي چڪي آهي ۽ تازي اجلاس ۾ سيڪيورٽي ۽ استحڪام بابت نون خيالن جي ضرورت تي زور ڏنو ويو آهي.“
رپورٽ موجب، اسلام آباد ۾ ڪيترائي اصولي فيصلا ڪيا ويا ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ايندڙ اجلاس ترڪي ۾ ٿيندو، ان حوالي سان وڌيڪ تفصيل ظاهر ناهن ڪيا ويا.
تجزئي نگارن جو موجب، ترڪي ۽ پاڪستان جي اتحاد ۾ مصر ۽ سعودي عرب جي شموليت سان اهو پيغام ملي ٿو ته اسلامي دنيا جا فيصلا ”هاڻي اسان پاڻ ڪنداسين.“
رپورٽ ۾ چيو ويو ته چئن مسلمان ملڪن وچ ۾ قائم ٿيندڙ ”دفاعي اتحاد“ ساٿين لاءِ اعتماد جو سبب بڻجندو، جڏهن ته اسرائيلي ميڊيا ان کي ”اسرائيل لاءِ انتهائي خطرناڪ“ قرار ڏنو آهي.“
يروشلم پوسٽ جي تجزئي موجب ؟ ايران هيڻو ٿيو آهي ۽ ترڪي مضبوط ٿيو آهي، جڏهن ته پاڪستان سمٽ اهو به ظاهر ڪري ٿي ته علائقائي مسلم قيادت لاءِ ترڪي اڃا به مضبوط اميدوار آهي ۽ ترڪ عوام جي نظر ۾ اسرائيل هڪ رنڊڪ طور ڏٺو ويندو آهي.“
ترڪ ميڊيا ۾ وقت به وقت مسلمان اڪثريتي ملڪن وچ ۾ نيٽو جهڙو اتحاد ٺاهڻ جو خيال پيش ڪيو ويندو رهيو آهي ته جيئن خطي جا سيڪيورٽي مسئلا حل ڪري سگهجن.
اسلامي دنيا جو ”نيٽو“؟ پاڪستان، ترڪي، سعودي ۽ مصر طرفان دفاعي اتحاد ٺاهڻ جون تياريون
You might also like