واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) هڪ آمريڪي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيل ايران ۾ عهديدارن کي نشانو بڻائڻ لاءِ جاسوسي، سائبر حملن ۽ اي آءِ پليٽ فارمز جو استعمال ڪيو آهي.
رپورٽ موجب، آمريڪي ۽ اسرائيلي فوجي اختيارين ايران تي حملن جا هدف پاڻ ۾ ورهايا هئا، جنهن تحت ايراني اڳواڻن کي نشانو بڻائڻ جو ڪم اسرائيل کي ڏنو ويو هو.
آمريڪي اخبار موجب، اسرائيل ايران جي سپريم ليڊر جي ويجهن ساٿين سميت 250 کان وڌيڪ سينيئر آفيسرن کي نشانو بڻايو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسرائيل جديد ترين اي آءِ پليٽ فارم استعمال ڪيو، جيڪو رڳو مخصوص ۽ محدود انٽيليجنس اهلڪارن جي پهچ ۾ آهي.
رپورٽ ۾ اهو انڪشاف به ڪيو ويو آهي ته ايران پنهنجي شهرين جي حفاظت لاءِ جيڪو ڊجيٽل نظام ٺاهيو هو، اهو ئي سندس آفيسرن جي خلاف استعمال ڪيو ويو.
اسرائيل ايراني سپريم ليڊر سميت 250 کان وڌيڪ عهديدارن کي ڪيئن نشانو بڻايو؟ دنگ ڪندڙ تفصيل سامهون اچي ويا
You might also like