واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي بچاءُ واري وزير پيٽ هيگسيٿ چيو آهي ته ايران سفارتي رستو اختيار ڪري نه ته سندس انفراسٽرڪچر تي حملن جو دائرو وڌايو ويندو.
پينٽاگون ۾ پريس ڪانفرنس دوران پيٽ هيگسيٿ جو چوڻ هو ته ضرورت پئي ته آمريڪي فوج ايران ۾ زميني ڪارروائي لاءِ به مڪمل طور تيار آهي.
هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا ڀرپور طاقت سان ايران اندر حملا ڪري رهيو آهي ۽ ايران جي فضائي حدن ۾ به ڪارروائيون جاري آهن.
آمريڪي بچاءَ واري وزير دعويٰ ڪئي ته آمريڪا وٽ گهڻا آپشن موجود آهن، جڏهن ته ايران وٽ آپشن محدود آهن.
پيٽ هيگسيٿ چيو ته ايندڙ ڏينهن جنگ لاءِ فيصلائتا هوندا ۽ ايران ڪجهه نه ڪري سگهندو، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ايران طرفان گهٽ انگ ۾ ميزائل فائر ڪيا ويا آهن.