”منهنجو سڀ کان هاٽ روپ ڏسڻ لاءِ تيار ٿي وڃو“ ڪريتي جو ڪاڪٽيل ٽو ۾ پنهنجي ڪردار بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ڪريتي سينن پنهنجي ايندڙ فلم “ڪاڪٽيل 2” بابت ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو آهي ته هن پروجيڪٽ ۾ سندس ڪردار سندس ڪيريئر جو سڀ کان انوکو ۽ جرئت ڀريو هوندو.
ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪريتي سينن چيو ته هي ڪردار نه رڳو سندس اڄ تائين ڪيل ڪم کان مختلف آهي پر ممڪن آهي ته اهو سندس ڪيريئر جو سڀ کان وڌيڪ ”هاٽ“ روپ به هجي.
اداڪارا هن تاثر کي رد ڪيو ته ”ڪاڪٽيل 2“ پراڻي فلم ”ڪاڪٽيل“ جو سڌو سيڪوئل آهي.
سندس چوڻ هو ته نئين فلم جو ماحول ساڳيو لڳي سگهي ٿو پر ڪهاڻي ۽ ڪردار مڪمل طور تي مختلف آهن.
ياد رهي ته ڪاڪٽيل ۾ سيف علي خان، دپيڪا پاڊڪون ۽ ڊيانا پنٽي اهم ڪردار ادا ڪيا هئا، جنهن کي مداحن طرفان تمام گهڻي موٽ ملي هئي.
ڪريتي سينن موجب ”ڪاڪٽيل 2“ جي ڪهاڻي ٻن ڇوڪرين ۽ هڪ ڇوڪري جي چوڌاري ڦري ٿي، جنهن ۾ دوستي، جذباتي، ڊرامو، موسيقي ۽ خوبصورت لوڪيشنز جو ميلاپ آهي.
واضح رهي ته فلم جي هدايتڪاري هڪ ڀيرو ٻيهر هومي اداجانيا ڪري رهيو آهي ۽ پنهنجي منفرد ڪاسٽنگ سبب هي فلم اڳ ئي سوشل ميڊيا تي خاص ڌيان حاصل ڪري چڪي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.