وچ اوڀر امن لاءِ پاڪستان ۽ چين پنج نڪاتي منصوبو پيش ڪري ڇڏيو

اسلام آباد/بيجنگ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ چين وچ اوڀر ۾ امن لاءِ پنج نڪاتي گڏيل منصوبو پيش ڪري ڇڏيو آهي.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار بيجنگ ۾ چيني هم منصب وانگ يي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن خطي جي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو.
جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب، ٻنهي ملڪن تڪرار کي وڌڻ کان روڪڻ، متاثر علائقن ۾ انساني امداد جاري رکڻ ۽ امن لاءِ گڏيل منصوبو پيش ڪيو.
ٻنهي ملڪن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ايران ۽ نار وارن ملڪن جي خودمختياري ۽ سلامتي جو تحفظ ڪيو وڃي، جڏهن ته مسئلن جي حل لاءِ ڳالهين کي ئي اثرائتو رستو قرار ڏنو ويو.
ٻنهي ملڪن توانائي، پاڻي صاف ڪرڻ وارن پلانٽن، بجلي گهرن ۽ پرامن جوهري ٿاڪن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ تي پڻ زور ڏنو.
ان کانسواءِ آبناءِ هرمز کي عالمي واپار ۽ توانائي جي ترسيل لاءِ انتهائي اهم قرار ڏيندي ٻنهي ملڪن مطالبو ڪيو ته جهازن ۽ عملي جي حفاظت کي يقيني بڻايو وڃي ۽ واپاري جهازن جي محفوظ توڙي تيز اچ وڃ کي بحال ڪيو وڃي.
ٻنهي ملڪن گهڻ رخي نظام کي هٿي ڏيڻ، گڏيل قومن جي ڪردار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ عالمي قانونن جي بنياد تي گڏيل امن فريم ورڪ جوڙڻ جي حمايت ڪئي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، اهي قدم علائقي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ پائيدار امن قائم ڪرڻ لاءِ اهم ثابت ٿي سگهن ٿا.
ان کان اڳ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار هڪ ڏينهن جي سرڪاري دوري تي چين پهتو، جتي هن پنهنجي چيني هم منصب سان اهم ملاقات ڪئي.
بيجنگ پهچڻ تي چين ۾ پاڪستان جي سفير خليل هاشمي ۽ چيني سفير يوئي شياو يونگ، اسحاق ڊار جي آجيان ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.