آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران تي ڀوائتي بمباري، ٻه هزار پائونڊ وزني بنڪر بسٽر بمن ذريعي هٿيارن جي ذخيرن تي حملا

تهران/واشگنٽن/تل ابيب/لنڊن (ويب ڊيسڪ) وچ اوڀر ۾ صورتحال انتهائي خطرناڪ موڙ تي پهچي وئي آهي، جتي ايران پاران اسرائيل جي شهري علائقن تي سڌي ميزائل بمباري ڪئي وئي آهي، جنهن جي جواب ۾ اصفهان ۾ موجود ايراني هٿيارن جي ذخيرن کي ”بنڪر بسٽر“ بمبن ذريعي نشانو بڻايو ويو آهي، ايراني فوج اصفهان ويجهو 30 ملين ڊالر ماليت جو آمريڪي ريپر ڊرون ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جڏهن ته لبنان محاذ تي حزب الله هٿان وڌيڪ اسرائيلي فوجين جي مارجڻ جا اطلاع مليا آهن، ٻئي پاسي سمنڊن ۾ تيل جي جهازن کي نشانو بڻائڻ جي واقعن عالمي واپار کي پريشاني ۾ وجهي ڇڏيو آهي، جتي دبئي ويجهو ڪويتي تيل جي جهاز تي ڊرون حملي کانپوءِ باهه لڳڻ واري واقعي وڏي ڇڪتاڻ پيدا ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته ايران پاران وڌيڪ 20 پاڪستاني جهازن کي گذرڻ جي اجازت ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو آهي، هواڏنهن پينٽاگون طرفان آمريڪي دفاعي وزير بابت سيڙپڪاري واري خبر رد ڪري ڇڏي آهي.

دبئي ويجهو سمنڊ ۾ ڪويتي جهنڊي واري آئل ٽينڪر تي حملي کانپوءِ جهاز ۾ باهه لڳي وئي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، ڪچي تيل سان ڀريل آئل ٽينڪر کي نشانو بڻايو ويو، جنهن کانپوءِ جهاز ۾ باهه لڳي وئي.
اماراتي اختيارين موجب، ڪويتي جهنڊي واري آئل ٽينڪر السلمي تي ڊرون حملي کانپوءِ لڳل باهه تي ضابطو آندو ويو آهي، جڏهن ته ڪنهن به قسم جو تيل وهڻ يا عملي کي جاني نقصان ناهي ٿيو.
شپنگ ڊيٽا موجب، هي جهاز چين جي شهر چنگ ڊائو ڏانهن وڃي رهيو هو ۽ ان ۾ لڳ ڀڳ 12 لک بيرل سعودي ڪچو تيل ۽ 8 لک بيرل ڪويتي ڪچو تيل موجود هو.
ذريعن موجب، امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته السلمي جهاز حملي جو اصل هدف نه هو.
پاسداران انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته هنن نار ۾ هڪ اهڙي ڪنٽينر جهاز کي نشانو بڻايو جيڪو اسرائيل سان تعلق رکي پيو، جڏهن ته شپنگ ڊيٽا موجب، اهو اشارو سنگاپور جي جهنڊي واري جهاز هاءِ فونگ ايڪسپريس ڏانهن هو، جيڪو حملي وقت السلمي جهاز جي ويجهو لنگر انداز هو.

چيني ڪمپني جا ٻه ڪنٽينربردار جهاز ڪاميابي سان آبناءِ هرمز پار ڪري ويا
چين جي وڏي شپنگ ڪمپني جا ٻه ڪنٽينربردار جهاز ڪاميابي سان آبناءِ هرمز مان گذري ويا.
شپ ٽريڪنگ ڊيٽا موجب، CSCL انڊين اوشن ۽ CSCL آرڪٽڪ اوشن نالي جهاز گذريل ڏينهن وقفي وقفي سان آبناءِ هرمز پار ڪئي.
رپورٽ موجبم ٻئي جهاز هاڻي ملائيشيا جي بندرگاهه پورٽ ڪلانگ ڏانهن روانا آهن.
ياد رهي ته ان کان اڳ پاڪستاني جهنڊي وارا جهاز به ڪاميابي سان آبناءِ هرمز پار ڪري ويا هئا.
ان ڏس ۾ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو هو ته ايران حڪومت پاڪستاني جهنڊي وارن وڌيڪ 20 جهازن کي آبناءِ هرمز مان گذرڻ جي اجازت ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي.

ايران جا وچ اسرائيلي علائقن تي ميزائل حملا، 11 ڄڻا زخمي
اسرائيلي ميڊيا موجب، تل ابيب، بني براڪ ۽ پيتاح تڪوا سميت مختلف علائقن ۾ ميزائل ڪِرڻ جا اطلاع مليا آهن.
رپورٽ موجب، ايران طرفان اڄ صبح ڪيل ميزائل حملن ۾ وچ اسرائيل ۾ 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
اسرائيلي ميڊيا موجب، گش دان واري علائقي ۾ 6 ۽ بني براڪ ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿيا، جڏهن ته ٻين علائقن ۾ سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن جاري آهي.

ايراني فوج طرفان اصفهان ويجهو 30 ملين ڊالر ماليت جو ريپر ڊرون ڪِيرائڻ جي دعويٰ
ايراني فوج جو چوڻ آهي ته ايئر ڊفينس سسٽم اصفهان ويجهو ايم ڪيو نائن ريپر ڊرون ڪِيرائي ڇڏيو آهي.
عرب ميڊيا موجب، ايران هينئر تائين 146 ڊرون ڪيرائي چڪو آهي، ايم ڪيو نائن ريپر ڊرون نگراني ۽ حملي لاءِ استعمال ٿيندو آهي، جنهن جي قيمت لڳ ڀڳ 30 ملين ڊالر ٻڌائي پئي وڃي.

اصفهان ۾ 2 هزار پائونڊ وزني بم سان هٿيار ذخيرن کي نشانو بڻايو ويو: آمريڪي ميڊيا
اسرائيلي فوج تهران ۾ ميزائل ٺاهڻ وارين ٿاڪن کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جڏهن ته اٽڪل 40 هٿيار ٺاهڻ ۽ تحقيقاتي مرڪزن تي حملا ڪيا ويا.
اصفهان ۾ ڌماڪن جي وڊيو ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان به شيئر ڪئي، آمريڪي اخبار موجب، 2 هزار پائونڊ وزني بم سان هٿيارن جي ذخيرن کي نشانو بڻايو ويو.
هڪ آمريڪي اهلڪار وال اسٽريٽ جرنل کي ٻڌايو ته اصفهان ۾ 2000 ڪلوگرام وزني بنڪر بسٽر بم استعمال ڪيو ويو ۽ زمين اندر موجود ٿاڪن کي تباهه ڪندڙ گولا بارود به استعمال ڪيو ويو .
آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان اصفهان تي بمباري کي ايران خلاف جاري جنگ ۾ هينئر تائين سڀ کان خطرناڪ بمباري قرار ڏنو پيو وڃي.

پينٽاگون جي جنگ واري وزير پيٽ هيگسيٿ جي سيڙپڪاري بابت خبر تي ردعمل اچي ويو
آمريڪي دفاعي کاتي پينٽاگون جي ترجمان چيو آهي ته جنگ واري وزير پيٽ هيگسيٿ بابت سيڙپڪاري واري خبر درست ناهي.
واضح رهي ته برطانوي اخبار طرفان خبر شايع ڪئي وئي هئي ته جنگ کان اڳ وڏي پيماني تي سيڙپڪاري جي ڪوشش ڪئي وئي، پر پينٽاگون ان کي رد ڪندي خبر واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

ڏکڻ لبنان ۾ حزب الله سان چڪرين ۾ وڌيڪ 4 اسرائيلي فوجي مارجي ويا
اسرائيلي فوج موجب، ڏکڻ لبنان ۾ حزب الله سان چڪرين دوران وڌيڪ 4 فوجي مارجي ويا.
عرب ميڊيا موجب ، چڪرين دوران مارچ کان هينئر تائين 10 اسرائيلي فوجي مارجي ويا آهن ۽ ڪيئي زخمي ٿيا آهن.

اسرائيل نئين علائقائي نظام لاءِ تيار ٿي وڃي: اسماعيل قاني
پنهنجي بيان ۾ پاسدرانِ انقلاب جي قدس فورس جي ڪمانڊر برگيڊيئر اسماعيل قاني چيو آهي ته اسرائيل نئين ريجيئنل آرڊر لاءِ تيار ٿي وڃي.
هن چيو ته نيتن ياهو خواب ڏسي رهيو هو ته خطي ۾ سيڪيورٽي بيلٽ کي ڊيگهه ڏني ويندي پر لبنان جي حزب الله ۽ يمن جي انصار الله حملن ذريعي اسرائيلي سيڪيورٽي جون دعوائون وائکيون ڪري ڇڏيون آهن.

آمريڪا-ايران تڪرار ۾ ٽياڪڙ وارو ڪردار علائقائي مفاد ۾ آهي: پاڪستاني سفير
آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ تازي تڪرار ۾ پاڪستان جو ٽياڪڙ وارو ڪردار علائقائي مفاد ۾ آهي.
هن چيو ته پاڪستان ڳالهين لاءِ سهڪار مهيا ڪرڻ لاءِ تيار آهي، پر فيصلا ڌرين کي پاڻ ڪرڻا پوندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.