لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان سپر ليگ 11 ۾ بال سان ڇيڙڇاڙ ڪرڻ تي فخر زمان کي 2 ميچن لاءِ معطل ڪري ڇڏيو.
پي سي بي موجب، فخر زمان کي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ليول ٿري جي ڀڃڪڙي ۾ ملوث قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته مٿس بال ٽيمپرنگ واري آرٽيڪل جي خلاف ورزي تي پابندي لڳائي وئي.
ياد رهي ته بال ٽيمپرنگ لاهور قلندرز ۽ ڪراچي ڪنگز جي ميچ دوران رپورٽ ٿي هئي، جنهن تي ميچ ريفري روشن ماهاناما ٻڌڻي کانپوءِ فيصلو ڏنو.
پي ايس ايل جي ڇهين ميچ ۾ ڪراچي ڪنگز جي اننگز دوران بال ٽيمپرنگ تي لاهور قلندرز کي 5 رنسن جي پنالٽي پڻ ٿي ۽ ان ميچ ۾ ڪراچي ڪنگز 4 وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪئي.
You might also like